پشاور -26 نومبر (اي پي پي)فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) هيڊ ڪوارٽر پشاور تي ٿيل دهشتگرد حملي بابت بم ڊسپوزل يونٽ (بي ڊي يو) جي شروعاتي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي. جنهن ۾ حملي جي منصوبه بندي، استعمال ٿيل بارودي مواد ۽ واقعي واري هنڌان مليل شاهدين بابت اهم انڪشاف ڪيا ويا آهن. بي ڊي يو رپورٽ موجب حملي ۾ 20 ڪلوگرام بارودي مواد استعمال ڪيو ويو جيڪو 3 آپگهات جيڪٽس …
ايف سي هيڊ ڪوارٽر پشاور تي آپگهات حملي ۾ 20 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو: بي ڊي يو جي رپورٽ

مزید خبریں
پشاور -26 نومبر (اي پي پي)فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) هيڊ ڪوارٽر پشاور تي ٿيل دهشتگرد حملي بابت بم ڊسپوزل يونٽ (بي ڊي يو) جي شروعاتي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي. جنهن ۾ حملي جي منصوبه بندي، استعمال ٿيل بارودي مواد ۽ واقعي واري هنڌان مليل شاهدين بابت اهم انڪشاف ڪيا ويا آهن. بي ڊي يو رپورٽ موجب حملي ۾ 20 ڪلوگرام بارودي مواد استعمال ڪيو ويو جيڪو 3 آپگهات جيڪٽس ۾ لڳايو ويو هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته جيڪٽس ۾ بارودي مواد کي وڏي تباهي پکيڙڻ لاءِ اڳيان ۽ پٺيان ٻن حصن ۾ ورهايو ويو هو. رپورٽ موجب آپگهاتي جيڪٽس جي ٽڪڙن مان واضح ٿئي ٿو ته ڌماڪي جا اثر 30 ميٽرن تائين نقصان پهچائڻ جي صلاحيت رکندا هئا. بي ڊي يو جو چوڻ آهي، ته حملو مڪمل طور آپگهاتي نوعيت جو هو ۽ ريموٽ ڪنٽرول جو ڪو به نشان ناهي مليو. بي ڊي يو ٽيم واقعي واري هنڌ ان اهم شاهديون گڏ ڪيون جن ۾ 8 دستي بمن جا ٽڪڙا، 2 ملي ميٽر سائز جي بال بيئرنگ، ٻه فوٽ ڊگها پرائما ڪارڊ ۽ وچ مان ڪٽيل 2 فوٽ تار شامل آهي. اهي سموريون شاهديون ليباريٽري تجزئي لاءِ جمع ڪرايون ويون آهن. رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته آپگهاتي جيڪٽس انتهائي مهارت سان تيار ڪيون ويون جن جو مقصد وڌ کان وڌ جاني ۽ مالي نقصان پهچائڻ هو. واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي ادارا حملي جي ماسٽر مائينڊ ۽ سهولتڪارن تائين پهچڻ لاءِ سرگرم آهن.











