اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان صاف، اثرائتي ۽ مضبوط چر پر واري نظام جي جوڙجڪ جي عزم جي تجديد ڪندي چيو آهي، ته رستن جي نيٽ ورڪ کي بهتر ڊزائين ڪري موسمياتي تبديلين جي مقابلي ۾ مضبوط انفراسٽرڪچر فراهم ڪري رهيا آهيون، گرين موبلٽي کي هٿي وٺائڻ ۽ ٽرانسپورٽ آپريشنز جي ماحولياتي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. مواصلات …
وفاقي وزير عبدالعليم خان پاران صاف، اثرائتي ۽ مضبوط آمد ورفت واري نظام جي جوڙجڪ واري عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان صاف، اثرائتي ۽ مضبوط چر پر واري نظام جي جوڙجڪ جي عزم جي تجديد ڪندي چيو آهي، ته رستن جي نيٽ ورڪ کي بهتر ڊزائين ڪري موسمياتي تبديلين جي مقابلي ۾ مضبوط انفراسٽرڪچر فراهم ڪري رهيا آهيون، گرين موبلٽي کي هٿي وٺائڻ ۽ ٽرانسپورٽ آپريشنز جي ماحولياتي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. مواصلات واري وزارت پاران جاري بيان موجب پائيدار ٽرانسپورٽ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ان موقعي تي اسان جا رستا ۽ شاهراهون رڳو آمد رفت جا رستا نه پر پائيدار ترقي جا محرڪ آهن. مواصلات واري وزارت، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ذريعي قومي شاهراهن جي نيٽ ورڪ کي معياري بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته شاهراهن جي نيٽ ورڪ کي بهتر ڊزائين ڪري موسمياتي تبديلين جي مقابلي ۾ مضبوط انفراسٽرڪچر فراهم ڪري رهيا آهيون. اسان جو ڌيان توانائي کي اثرائتي طريقي سان استعمال ڪندڙ شاهراهن جي تعمير تي آهي، گرين موبلٽي کي هٿي وٺائڻ ۽ ٽرانسپورٽ آپريشنز جي ماحولياتي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هدفن موجب ٽرانسپورٽ جي شعبي کي جديد رخن تي آڻڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهيون، اچو گڏيل ويزن سان گڏ اڳيان وڌون، گرين رستا، سمارٽ ٽرانسپورٽ، مضبوط پاڪستان ٺاهيون.











