ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران بلوچستان واٽر ريسورسز ڊولپمينٽ سيڪٽر پروجيڪٽ لاءِ 4 ڪروڙ 80 لک ڊالرن جي اضافي قرض جي منظوري

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) بلوچستان واٽر ريسورسز ڊولپمينٽ سيڪٽر پروجيڪٽ لاءِ 4 ڪروڙ 80 لک ڊالرن جي اضافي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. بئنڪ طرفان جاري پڌرائي موجب اضافي قرض جي سهولت کان اڳ بجيٽ جي کوٽ سبب دير جو شڪار ٿيل اهم منصوبن جي حصن کي مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ملندي جن ۾ چيوري انفلٽريشن گيلري سب پروجيڪٽ، سيري ٽوئي …

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) بلوچستان واٽر ريسورسز ڊولپمينٽ سيڪٽر پروجيڪٽ لاءِ 4 ڪروڙ 80 لک ڊالرن جي اضافي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. بئنڪ طرفان جاري پڌرائي موجب اضافي قرض جي سهولت کان اڳ بجيٽ جي کوٽ سبب دير جو شڪار ٿيل اهم منصوبن جي حصن کي مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ملندي جن ۾ چيوري انفلٽريشن گيلري سب پروجيڪٽ، سيري ٽوئي ڊيم جي ڪمانڊ ايريا جي ترقي ۽ واٽر شيڊ مينيجمينٽ جون سرگرميون شامل آهن، انهن حصن جي مڪمل ٿيڻ سان آبپاشي جي حوالي سان ڪارڪردگي ۾ بهتري، پاڻي جي پائيدار استعمال کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. بلوچستان پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن  معاشي مشڪلاتن ۽ موسمياتي اثرن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. زراعت بلوچستان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي ۽ صوبي جي مجموعي معاشي پيداوار جو اٽڪل ٻه ڀاڱي ٽي حصو فراهم ڪري ٿي، زراعت جو شعبو هڪ ڪروڙ 30 لک جي آبادي مان 60 سيڪڙو ماڻهن کي روزگار فراهم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته بار بار آيل ڏڪار، پاڻي جي نظام جي ڪمزور صلاحيت ۽ موسمياتي خطرن ماڻهن جي زندگين کي شديد خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. ڊگهي مدي واري پائيداري کي بهتر بڻائڻ لاءِ منصوبي ۾ واٽر شيڊ مينيجمينٽ جا قدم شامل آهن جن ۾ وڻڪاري، مٽي جي تحفظ ۽ چيڪ ڊيمز جي تعمير شامل آهي، ته جيئن ڊيم جي ايريا ۾ زمين جي خرابي کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ ٻوڏ واري پاڻي جي بهتر انتظام کي يقيني بڻائي سگهجي. هي جاري منصوبو جاپان فنڊ فار پراسپيريس اينڊ ريزيلينٽ ايشيا اينڊ دي پيسيفڪ، جيڪو پاڪستان حڪومت طرفان ايشيائي ترقياتي بئنڪ ذريعي فراهم ڪيو ويو آهي ۽ هاءِ ليول ٽيڪنالاجي فنڊ جي تعاون سان هلايو پيو وڃي، منصوبي جو مقصد بلوچستان ۾ موسمياتي طور تي مضبوط ۽ پائيدار واٽر ريسورس مينيجمينٽ جو نظام قائم ڪرڻ آهي ته جيئن صوبي جي ڊگهي مدي واري فائدن کي يقيني بڻائي سگهجي.

مزید خبریں