راولپنڊي-26 نومبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان فوج، انٽيليجنس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قومي سلامتي جي حفاظت لاءِ اڻٿڪ عزم ۽ پيشيوراڻي صلاحيت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. آءِ ايس پي آر موجب هو اربع ڏينهن نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ (اين ايس ڊبليو-27) جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائي رهيو هو جِن پاڪ فوج جي جنرل هيڊ ڪوارٽر (جي ايڇ …
پاڪستان فوج، انٽيليجنس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قومي سلامتي جي حفاظت لاءِ اڻٿڪ عزم ۽ پيشيوراڻي صلاحيت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن: چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير

مزید خبریں
راولپنڊي-26 نومبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان فوج، انٽيليجنس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قومي سلامتي جي حفاظت لاءِ اڻٿڪ عزم ۽ پيشيوراڻي صلاحيت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. آءِ ايس پي آر موجب هو اربع ڏينهن نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ (اين ايس ڊبليو-27) جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائي رهيو هو جِن پاڪ فوج جي جنرل هيڊ ڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) جو دورو ڪيو. ان موقعي تي انهن کي پاڪستان جي علائقائي ۽ اندروني سيڪيورٽي صورتحال ۽ مجموعي قومي سلامتي جي ماحول تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. دوري دوران وفد چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان پڻ تفصيلي ملاقات ڪئي. آرمي چيف خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال تي روشني وجهندي چيو ته وڌندڙ جيو پوليٽيڪل چٽاڀيٽي، سرحد پار دهشتگردي ۽ هائبرڊ خطرن علائقائي ماحول کي مُشڪل بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ٻاهرين سرپرستي ۾ جاري دهشتگردي ۽ اطلاعاتي جنگ جي چئلينجن جي باوجود، پاڪ فوج، انٽيليجنس ادارا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ اڻٿڪ عزم ۽ پيشيوارڻين صلاحيتن جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته پاڪستان هڪ اهم ۽ باوقار ملڪ آهي ۽ پنهنجو جائز مقام حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته معرڪه حق دوران پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشه وراڻي صلاحيت، عزم ۽ لڳاءُ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي ساک کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. هن چيو ته اسان جي سڀ کان وڏي طاقت قومي اتحاد آهي ۽ اسان سڀ گڏجي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائينداسين. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي ملڪ ۾ غير قانوني سرگرمين خالف جاري قدمن، خاص طور تي اسمگلنگ، منشيات جي پهچ ۽ منظم ڏوهن جي نيٽ ورڪن خلاف ڪاررواين بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ سرحدي ڪنٽرول کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ غير قانوني پرڏيهين جي واپسي سان لاڳاپيل تازي صورتحال کان پُڻ آگاهي ڏني وئي، جنهن جو مقصد اندروني نظم ۽ ضبط ۽ قومي مفادن جو تحفظ آهي. آرمي چيف واضح لفظن ۾ چيو ته هر پاڪستاني شهري جي سلامتي، تحفظ ۽ ملڪي سرحدن جو دفاع پاڪ فوج جي اولين ترجيح آهي ۽ ان تي ڪنهن به قسم جو ڪوبه ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪ فوج وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي مڪمل مدد جاري رکندي. هن چيو ته پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ قومي سطح تي هم آهنگي ۽ ادارتي تعاون اڻٽر آهي. واضح رهي ته "نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ-27” نيشنل ڊفينس يونيورسٽي (اين ڊي يو) جو هڪ اهم پروگرام آهي، جنهن ۾ پارليامينٽ جا ميمبر، اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسر، تعليمي ماهر ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شريڪ ٿيندا آهن.











