پاڪستان ڪيميائي هٿيارن جي پابندي جي تنظيم (او پي سي ڊبليو) جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي لاءِ ٻيهر چونڊيو ويو

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) پاڪستان کي ڪيميائي هٿيارن جي پابندي جي تنظيم (او پي سي ڊبليو) جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي لاءِ 2026ع کان 2028ع جي عرصي لاءِ ٻيهر چونڊيو ويو آهي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب چونڊ هيگ ۾ منعقد ٿيندڙ رياستي ڌرين جي ڪانفرنس جي 30هين اجلاس دوران ٿي. ڪيميائي هٿيارن جي تياري، پيداوار، زخيره اندوزي ۽ ان جي تباهي تي ڪنوينشن (سي …

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) پاڪستان کي ڪيميائي هٿيارن جي پابندي جي تنظيم (او پي سي ڊبليو) جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي لاءِ 2026ع کان 2028ع جي عرصي لاءِ ٻيهر چونڊيو ويو آهي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب چونڊ هيگ ۾ منعقد ٿيندڙ رياستي ڌرين جي ڪانفرنس جي 30هين اجلاس دوران ٿي. ڪيميائي هٿيارن جي تياري، پيداوار، زخيره اندوزي ۽ ان جي تباهي تي ڪنوينشن (سي ڊبليو سي) 193 ملڪن سان هٿيارن جي خاتمي جو سڀ کان ڪامياب معاهدو آهي جنهن وڏي پيماني تي تباهي آڻيندڙ هٿيارن جي هڪ پوري ڪلاس جو خاتمو آڻي ڇڏيو آهي. ايگزيڪيوٽو ڪائونسل او پي سي ڊبليو جو بنيادي پاليسي ساز ادارو آهي ۽ ڪنوينشن جي اثرائتي عمل درآمد ۽ ان جي تعميل جي نگراني جو ذميوار آهي. اهو ڪيمسٽري جي پرامن استعمال ۾ پنهنجي ميمبر ملڪن جي سائنسي ۽ اقتصادي ترقي جي پڻ حمايت ڪري ٿو. پاڪستان او پي سي ڊبليو جو هڪ سرگرم ميمبر آهي ۽ 1997ع ۾ سي ڊبليو سي جي منظوري کان وٺي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته او پي سي ڊبليو جي 41 رڪني ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۾ پاڪستان جي ٻيهر چونڊ تنظيم ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار جو چٽو ثبوت آهي. اهو او پي سي ڊبليو جي ڪم کي اثرائتي قيادت ۽ تحرڪ فراهم ڪرڻ جي پاڪستان جي صلاحيت تي ميمبر ملڪن جي اعتماد جي تصديق ڪري ٿو.

مزید خبریں