پاڪستان پاران ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ ثقافتي ورثي جي بي حرمتي جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد - 25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ ثقافتي ورثي جي بي حرمتي جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي عالمي برادري جو ڌيان ان طرف ڇڪرايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ايوڌيا ۾ تاريخي بابري مسجد جي جڳهه تي تعمير ڪيل نام نهاد ”رام مندر“ تي جهنڊو ڦڙڪائڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. بابري مسجد …

اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ ثقافتي ورثي جي بي حرمتي جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي عالمي برادري جو ڌيان ان طرف ڇڪرايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ايوڌيا ۾ تاريخي بابري مسجد جي جڳهه تي تعمير ڪيل نام نهاد ”رام مندر“ تي جهنڊو ڦڙڪائڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. بابري مسجد جيڪا صديون پراڻي عبادتگاهه هئي، کي 6 ڊسمبر 1992ع تي فاشسٽ نظرين تي يقين رکندڙ انتهاپسند مظاهرين مسمار ڪري ڇڏيو هو. ڀارت ۾ ان کانپوءِ عدالتي ڪارروائي ۾ ذميوارن کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ مسمار ٿيل مسجد جي جڳهه تي مندر جي تعمير جي اجازت ڏئي ڇڏي جيڪو ڀارتي سرڪار جي اقليتن سان امتيازي سلوڪ جي رويي جو واضح ثبوت آهي، اهو ڀارت ۾ مذهبي اقليتن تي وڌندڙ دٻاءُ ۽ اڪثريتي هندوتوا نظريي تحت مسلم ثقافتي ۽ مذهبي ورثي کي مسخ ڪرڻ جي ڄاڻي واڻي کنيل قدمن جو هڪ واضح مثال آهي. ڪيترين ئي ٻين تاريخي مسجدن کي هاڻي بي حرمتي ۽ مسمار ڪرڻ جا اهڙي طرح جا خطرا آهن، جڏهن ته ڀارتي مسلمان سماجي، معاشي ۽ سياسي طور تي پسماندگي جو شڪار ٿيندا پيا وڃن. پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏي ٿو ته اها ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا، نفرت انگيز تقريرن ۽ نفرت تي ٻڌل حملن طرف ڌيان ڏي. گڏيل قومن ۽ لاڳاپيل عالمي ادارن کي اسلامي ورثي جي تحفظ ۽ سمورن اقليتن جي مذهبي ۽ ثقافتي حقن جي ضمانت ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پاڪستان ڀارتي حڪومت تي زور ڏي ٿو ته اها مسلمانن سميت سمورين مذهبي برادرين ۽ انهن جي عبادتگاهن جي سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي عالمي انساني حقن بابت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري.

مزید خبریں