اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پنهنجي الوداعي مصروفيتن طور چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ايئر هيڊڪوارٽرز جو دؤرو ڪيو. پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سندس استقبال ڪيو. ايئر هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي پاڪ فضائيه جي هڪ چست جٿي معزز مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب ان کان اڳ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف …
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جو ايئر هيڊڪوارٽرز جو الوداعي دؤرو

مزید خبریں
اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پنهنجي الوداعي مصروفيتن طور چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ايئر هيڊڪوارٽرز جو دؤرو ڪيو. پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سندس استقبال ڪيو. ايئر هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي پاڪ فضائيه جي هڪ چست جٿي معزز مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب ان کان اڳ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي پاڪ فضائيه جي سربراهه سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي مثالي خدمتن ۽ ٽنهي هٿياربند فوج ۾ هم آهنگي کي مضبوط بنائڻ ۾ سندس ڪردار جي تعريف ڪئي. پاڪ فضائيه جي سربراهه قومي دفاع لاءِ جنرل ساحر شمشاد مرزا جي نمايان خدمتن کي به ساراهيو ۽ دهشتگرديءَ جي لعنت جي خاتمي لاءِ هٿياربند فوج سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پاڪ فضائيه جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، پاڪ فضائيه جي جنگي تيارين، عملي مهارت، جدت ۽ اپ گريڊيشن جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي فضائي سرحدن جي حفاظت ۾ پاڪ فضائيه جي اهلڪارن جي پيشيوراڻي مهارت ۽ لڳن کي ساراهيو ۽ دهشتگرديءَ خلاف قومي جنگ ۾ پاڪ فضائيه جي اهم ڪردار جو اعتراف ڪيو. هن پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوجن وچ ۾ موجوده هم آهنگيءَ کي به ساراهيو ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته هي تعاون مستقبل ۾ وڌيڪ هٿي وٺندو. جنرل ساحر شمشاد مرزا پاڪ فضائيه جي ڀرپور حمايت تي ايئر چيف جو شڪريو ادا ڪندي پي اي ايف ۽ ان جي قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.











