پاڪ بحريه جو ايٽني شپ بيلسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو

اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪ بحريه مقامي طور تي تيار ڪيل بحري جهازن سان اينٽي شپ بيلسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو. ميزائيل انتهائي درستگيءَ سان سامونڊي ۽ زميني حدفن کي نشانو بنائڻ جي صلاحت رکي ٿو. هي نظام جديد ترين گائيڊنس سان ليس آهي ۽ ان ۾ چُرپر ۽ حرڪت جون خاصيتون موجود آهن. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب چيف آف دي نيول اسٽاف، سينيئر سائنسدانن ۽ …

اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪ بحريه مقامي طور تي تيار ڪيل بحري جهازن سان اينٽي شپ بيلسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو. ميزائيل انتهائي درستگيءَ سان سامونڊي ۽ زميني حدفن کي نشانو بنائڻ جي صلاحت رکي ٿو. هي نظام جديد ترين گائيڊنس سان ليس آهي ۽ ان ۾ چُرپر ۽ حرڪت جون خاصيتون موجود آهن. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب چيف آف دي نيول اسٽاف، سينيئر سائنسدانن ۽ انجنيئرن سان گڏ فلائيٽ ٽيسٽ جو مشاهدو ڪيو. هي ڪامياب تجربو پاڪستان جي فني مهارت ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ پاڪ بحريه جي پُختي عزم جو چِٽو ثبوت آهي. صدر، وزيراعظم، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس ان سنگ ميل جي ڪاميابي ۾ حصو وٺندڙ يونٽس ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد ڏني.

مزید خبریں