اسلام آباد - 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 26 کان 27 نومبر تائين سلطنت بحرين جو سرڪاري دورو ڪندو، اهو دورو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن جي تجديد ۽ وڌيڪ مضبوطي جو عڪاس آهي، وزيراعظم سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير ۽ سينيئر عملدار شامل هوندا. پرڏيهي آفيس …
وزيراعظم محمد شهباز شريف 26 کان 27 نومبر تائين سلطنت بحرين جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 26 کان 27 نومبر تائين سلطنت بحرين جو سرڪاري دورو ڪندو، اهو دورو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن جي تجديد ۽ وڌيڪ مضبوطي جو عڪاس آهي، وزيراعظم سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير ۽ سينيئر عملدار شامل هوندا. پرڏيهي آفيس پاران جاري هڪ بيان موجب دوري دوران وزيراعظم بحرين جي قيادت سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندو جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. اهو دورو پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ روايتي طور تي گرمجوش ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، حصيداري جي نئين موقعن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط ڪرڻ جو سبب بڻجندو جيڪي گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون ۾ مددگار ثابت ٿيندا. اهو سرڪاري دورو سلطنت بحرين سان پاڪستان جي مسلسل سفارتي مصروفيت ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪارائتي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.











