اسلام آباد - 25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي دفاعي پيداوار، پيٽروليم، معدنيات، تعميرات، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ آءِ ٽي سميت ٻين شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جا موقعا ڳولڻ جو جائزو ورتو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ آذربائيجان سان حصيداري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمهوريه آذربائيجان جي اقتصاديات واري وزير ميڪائل جباروف جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي دفاعي پيداوار، پيٽروليم، معدنيات، تعميرات، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ آءِ ٽي سميت ٻين شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جا موقعا ڳولڻ جو جائزو ورتو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ آذربائيجان سان حصيداري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ جمهوريه آذربائيجان جي اقتصاديات واري وزير ميڪائل جباروف جي وچ ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي، جمهوريه آذربائيجان جي اقتصاديات وارو وزير وفد سان گڏ پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جو وسيع جائزو ورتو ويو. ٻطرفي واپار ۾ مسلسل ترقي کي ساراهيندي ڌرين اقتصادي مٽاسٽا ۾ اڳڀرائي جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. هن دفاعي پيداوار، پيٽروليم ۽ معدنيات، تعميرات، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ آءِ ٽي سميتٻين شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جا موقعا ڳولڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم پاڪستان پاران پاڪستان آذربائيجان گڏيل سيڙپڪاري ڪمني قائم ڪرڻ جي تجويز جو ورجاءُ ڪيو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن پاران برابر حصيداري هجي. هن وائيٽ آئل پائيپ لائين پراجيڪٽ ۾ آذربائيجان جي دلچسپي کي پڻ ساراهيو ۽ آذربائيجان جي ڪمپني ايس او سي اي آر کي پاڪستان ۾ تيل ۽ گئس جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني. ڌرين علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم افعانستان ۽ وچ ايشيا جي لاءِ مختصر ترين رستي جي طور تي پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ تي روشني وڌي ۽ ٽرانس ڪيسپيئن انٽرنيشنل ٽريڊ ڪوريڊور جهڙن قدمن ۾ آذربائيجان جي اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم آذربائيجان جي صدر الهام عليوف کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ آذربائيجان سان پنهنجي حصيداري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. آذربائيجان جي اقتصاديات واري وزير پاڪستان جي دوري دوران سندس مهمان نوازي تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ م جاري مثبت اڳڀرائي واپار، معيشت، صنعت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جي روڊ ميپ 2028 – 2025ع کي حتمي شڪل ڏيڻ جو سبب بڻجندي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، پاور ڊويزن وارو وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.











