نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جي پرڏيهي وزارت اچڻ تي آجيان

اسلام آباد - 25 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جي پرڏيهي وزارت اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان جي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ سندس پيشيواراڻي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جنرل ساحر شمشاد مرزا جي …

اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جي پرڏيهي وزارت اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان جي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ سندس پيشيواراڻي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جنرل ساحر شمشاد مرزا جي پيشيواراڻي صلاحيت، قيادت ۽ بي لوث خدمتن کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سندس اعزاز ۾ هڪ مانجهاندي جو پڻ اهتمام ڪيو جنهن ۾ قوم جي لاءِ سندس نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو.

مزید خبریں