حيدرآباد-25 نومبر (اي پي پي) حيسڪو پاران سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ زيرو لوڊشيڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. حيسڪو چيف سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، حيسڪو ۽ يونيورسٽي وچ ۾ هڪ معاھدي تي به صحيحون ڪيون ويون ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو. حيسڪو پاران سنڌ زرعي يونيورسٽي مين ڪئمپس ۽ ان جي …
حيسڪو چيف فيض اللہ ڏاھري پاران سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو اعلان

مزید خبریں
حيدرآباد-25 نومبر (اي پي پي) حيسڪو پاران سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ زيرو لوڊشيڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. حيسڪو چيف سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، حيسڪو ۽ يونيورسٽي وچ ۾ هڪ معاھدي تي به صحيحون ڪيون ويون ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو. حيسڪو پاران سنڌ زرعي يونيورسٽي مين ڪئمپس ۽ ان جي رھائشي ڪالوني جي فيڊر کي ليڊشيڊنگ فري ڪرڻ جو باظابطا اعلان ڪري ڇڏيو آھي، حيسڪو چيف سنڌ زرعي يونيورسٽي پھچي ڊاڪٽر اي ايم شيخ آڊيٽوريم ھال ۾ رٿيل ھڪ پروقار تقريب ۾ اعلان ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي سڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر انجنئير پرفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ تدريسي ۽ تحقيقي عمل دوران بجلي لوڊشيڊنگ ۽ ھاسٽلن ۾ رھائش ۽ ليبارٽريز ۾ تحقيقي نمونا محفوظ ڪرڻ ۾ مسئلا پيش اچي رھيا ھئا، ھن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي حيسڪو سان سھڪار ڪندي، زيرو لوشيڊنگ سان شاگردن جون شڪايتون ختم ٿينديون، ھاسٽلن ۾ 4500 شاگرد ۽ ڪالوني ۾ 900 گھر آھن، بجلي جي ادائيگي ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي ويندي، حيسڪو چيف فيض اللہ ڏاھري پنھنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ کان سنڌ زرعي يونيورسٽي سميت حيدرآباد جي 18 فيڊرن تي ھاڻي لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، ھن چيو ته لوڊشيڊنگ جي خاتمي وارو عمل ڪو آسان ناھي، پر ان سلسلي ۾ اسان کي حيسڪو، ڪميونٽي پارٽسپيشن کي ھٿي ڏيڻي پوندي، ان سلسلي ۾ حيسڪو ۽ ڪميونٽي ۾ اخلاقي معاھدا طئي ڪرڻا پوندا ۽ ان تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ لوڊشيڊنگ جو خاتمو گھڻي وقت تائين برقرار نه رکي سگھبو، سي اي او حيسڪو اعجاز احمد شيخ چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي فيڊر، ٽنڊوالھيار جو پھريون فيڊر آھي، جنھن تي لوڊشينگ ختم ڪئي آھي، جتي رھواسين کي مفت ميٽر ڏنا ويا آھن. ان موقعي تي ذوالفقار علي ميمڻ، سھيل احمد شيخ، ايڪسيئن عبدالرب ميمڻ، اخلاق احمد ميمڻ، ڪامران احمد ۽ ٻين خطاب ڪيو، بعد ۾ مستقبل ۾ بجلي جي نظام بھتر بڻائڻ لاءِ اخلاقي معاھدي تي سنڌ زرعي يونيورسٽي پاران ڊاڪٽر عبدالطيف ڀٽو ۽ مير محمد خشڪ جڏھن ته حيسڪو طرفان سھيل احمد شيخ ۽ عبدالرب ميمڻ صحيحون ڪيون. آخر ۾ حيسڪو عملدارن کي شيلڊون ڏنيون ويون، جڏھن ته بھتر ڪارڪردگي تي حيسڪو ٽنڊوڄام جي عملدار غلام حسين سولنگي کي سرٽيفڪيٽ ايوارڊ ڏنو ويو.











