وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن جي مُلاقات

اسلام آباد - 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن بابر نواز، بلال فاروق تارڙ، بلال بدر، راجا دانيال، حافظ نعمان، چوڌري طفيل جٽ ۽ محمود قادر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نئين چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن کي ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم …

اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن بابر نواز، بلال فاروق تارڙ، بلال بدر، راجا دانيال، حافظ نعمان، چوڌري طفيل جٽ ۽ محمود قادر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نئين چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن کي ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اميدوارن کي ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي قائد ميان محمد نواز شريف جي ويزن، ان جي بي مثال قيادت ۽ پارٽي ڪارڪنن جي محنت جي ڪري ملي. اها ڪاميابي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي صوبي جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ محنت تي عوام جي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر پنهنجي تڪن جي عوام جي ڀلائي لاءِ سچي دل سان ڪم ڪندا. پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي جي حوالي سان قانونسازي ۾ ڀرپور شريڪ ٿيندا ۽ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندا، ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاور ڊويزن وارو وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري پڻ موجود هئا.

مزید خبریں