اسلام آباد - 25 نومبر (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري سمورن شهرين، ادارن ۽ برادرين تي زور ڏنو آهي ته اهي عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي ۽ هڪ اهڙي مستقبل جي تعمير ۾ هٿ ونڊرائين جتي هر عورت ۽ ڇوڪريءَ خوف کان آزاد ۽ موقعن سان ڀرپور زندگي گذاري سگهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار …
خوف ۾ ورتل عورتن وارو معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي: بي آصفه ڀٽو زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري سمورن شهرين، ادارن ۽ برادرين تي زور ڏنو آهي ته اهي عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي ۽ هڪ اهڙي مستقبل جي تعمير ۾ هٿ ونڊرائين جتي هر عورت ۽ ڇوڪريءَ خوف کان آزاد ۽ موقعن سان ڀرپور زندگي گذاري سگهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن عورتن تي تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته ڪو به معاشرو ترقي نه ٿو ڪري جيڪڏهن ان جون عورتون خوف يا خاموشي سان زندگي گذارين. هن سمورين عورتن ۽ ڇوڪرين جي وقار، حقن ۽ تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ان معاملي جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته ڇوٽ جي ڪلچر کي ٽوڙڻ اختياري نه آهي پر اهو انصاف جي لاءِ ضروري آهي. خاتون اول مضبوط قانونن جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن ۾ انهن قانونن تي سختي سان عملدرآمد، سروائيول سپورٽ ۾ توسيع ۽ هر سطح تي جوابدهي شامل آهي. آصفه ڀٽو زرداري سماجي تبديلي جي اهميت جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان کي تعصب تي احترام، خاموشي تي همٿ ۽ خوشنودي تي جوابدهي جي چونڊ ڪرڻ گهرجي. سڄي پاڪستان جي عورتن ۽ ڇوڪرين کي مخاطب ڪندي خاتون اول چيو ته توهان جو آواز ۽ حفاظت اهميت رکي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ توهان جا خواب اهم آهن. خاتون اول ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ محفوظ ۽ وڌيڪ برابر معاشرو ٺاهڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته اهو پاڪستان جيڪو پنهنجي عروتن جي حفاظت ڪري ٿو اهو ئي پاڪستان ترقي ڪري ٿو. بي بي آصفه ڀٽو زرداري سمورن شهرين، ادارن ۽ برادرين تي زور ڏنو ته اهي عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي ۽ هڪ اهڙي مستقبل جي تعمير ۾ هٿ ونڊرائين جتي هر عورت ۽ ڇوڪري خوف کان آزاد ۽ موقعن سان ڀرپور زندگي گذاري سگهن.











