راولپنڊي-25 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري واضح ڪيو آهي ته پاڪستان جڏهن به ڪنهن هنڌ تي ڪارروائي ڪندو آهي ته کليل طور تي اعلان ڪندو آهي ۽ ڪڏهن به سويلين آبادي کي نشانو ناهي بنائيندو، نان ڪسٽم پيڊ گاڏين تي فوري پابندي لڳائي وڃي ڇاڪاڻ ته دهشتگردي جي ڪيترن ئي واقعن ۾ انهن گاڏين جو استعمال سامهون آيو آهي. صحافين کي بريفنگ …
افغان عبوري حڪومت دهشتگرد گروهن خلاف اثرائتيون ۽ تصديق جوڳيون ڪارروائيون نه پئي ڪري: ڊي جي آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي-25 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري واضح ڪيو آهي ته پاڪستان جڏهن به ڪنهن هنڌ تي ڪارروائي ڪندو آهي ته کليل طور تي اعلان ڪندو آهي ۽ ڪڏهن به سويلين آبادي کي نشانو ناهي بنائيندو، نان ڪسٽم پيڊ گاڏين تي فوري پابندي لڳائي وڃي ڇاڪاڻ ته دهشتگردي جي ڪيترن ئي واقعن ۾ انهن گاڏين جو استعمال سامهون آيو آهي. صحافين کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار رياست آهي، جيڪو رياست جي حيثيت سان ئي رد عمل ڏيندو آهي. هن واضح ڪيو ته اسان جي نظر ۾ ڪو سٺو يا خراب طالبان ناهي، سڀني دهشتگردن سان هڪ جهڙو رويو اختيار ڪيو ويندو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان، افغانستان ۾ ڪنهن تازي واقعي ۾ ڪا ڳجهي ڪارروائي ناهي ڪئي ۽ جڏهن به ڪو قدم کنيو ويندو آهي ته ان جو باضابطا اعلان ڪيو ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان، افغان عوام جي خلاف ناهي پر دهشتگردي جي خلاف آهي، ان ڪري مسئلو افغان عبوري حڪومت جي رويي سان آهي جيڪا دهشتگرد گروهن خلاف اثرائتيون ۽ تصديق جوڳيون ڪارروائيون ناهي ڪري رهي. هن سوال اٿاريو ته طالبان حڪومت ڪيستائين عبوري حيثيت ۾ رهندي ۽ ڪڏهن هڪ رياست وانگر فيصلو ڪندي؟ سندس چوڻ هو نان اسٽيٽ ايڪٽرز جي انداز سان فيصلا قبول ناهن. هن چيو ته 4 نومبر کان هاڻي تائين 206 دهشتگرد مارجي چڪا آهن، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ 4910 آپريشنز ڪيا ويا. هن دعويٰ ڪئي ته تازن سالن ۾ ٿيل آپگهاتي حملن ۾ ملوث عنصرن ۾ اڪثريت افغان شهرين جي رهي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪ افغان سرحد تي اسمگلنگ ۽ سرحد پار منظم ڏوهن جو ڳٺ جوڙ ٽوڙڻ اڻٽر آهي، ڇاڪاڻ ته دهشتگردي جي معاونت جو وڏو ذريعو اهي ئي نيٽ ورڪس آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر مطالبو ڪيو ته نان ڪسٽم پيڊ گاڏين تي فوري پابندي مڙهي وڃي ڇاڪاڻ ته دهشتگردي جي ڪيترن ئي واقعن ۾ انهن گاڏين جو استعمال سامهون آيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني عوام ۽ هٿياربند فوج دهشتگردي خلاف متحد آهن ۽ دهشتگردن جو آخري ساهه تائين پيڇو ڪيو ويندو، ان ڪري هن جنگ لاءِ اندروني ڪمزورين کي به ختم ڪرڻ ضروري آهي. هن انڪشاف ڪيو ته پرڏيهه ۾ استعمال ٿيندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽس رياستِ پاڪستان خلاف ناڪاري پروپئگنڊا ڪري رهيا آهن جن جو مقصد عوام ۽ ادارن وچ ۾ بد اعتمادي پيدا ڪرڻ آهي.











