ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي ڪورٽ مارشل معاملي تي قياس آرائين کان پاسو ڪيو وڃي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي-25 نومبر (اي پي پي) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي ڪورٽ مارشل بابت خبرن تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اهو هڪ قانوني ۽ عدالتي عمل آهي ان ڪري ان تي قياس آرائين کان پاسو ڪيو وڃي. گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي هن واضح ڪيو ته جئين ئي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد …

راولپنڊي-25 نومبر (اي پي پي) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي ڪورٽ مارشل بابت خبرن تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اهو هڪ قانوني ۽ عدالتي عمل آهي ان ڪري ان تي قياس آرائين کان پاسو ڪيو وڃي. گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي هن واضح ڪيو ته جئين ئي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي معاملي ۾ ڪو حتمي فيصلو سامهون ايندو ان کي باضابطا طور تي عوام آڏو آندو ويندو. هن چيو ته ڪورٽ مارشل جو معاملو افواهن ۽ سوشل ميڊيا جي بيانن جي وَر نه چڙهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ان سان ادارن جي ساک متاثر ٿيندي آهي.

مزید خبریں