سيڪيورٽي فورسز پاران ضلع بنون ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن، 22 خوارجي جهنم ڀيڙا: آءِ ايس پي آر

اسلام آباد -25 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ضلع بنون ۾ خوارج (فتنه الخوارج) سان تعلق رکندڙ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڳجهي معلومات جي بنياد تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران خوارج جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو ويو، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 22 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ موجود ڪنهن به …

اسلام آباد -25 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ضلع بنون ۾ خوارج (فتنه الخوارج) سان تعلق رکندڙ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڳجهي معلومات جي بنياد تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران خوارج جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو ويو، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 22 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي ڀارتي حمايت يافته خوارجي دهشتگرد جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس (سينيٽائيزيشن) آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان عزم استحڪام ويزن (جيڪو فيڊرل ايپڪس ڪميٽي، نيشنل ايڪشن پلان تحت منظور ٿيل آهي) تحت جاري دهشتگردي جي خاتمي واري مهم پوري رفتار سان جاري رهندي ته جيئن ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۽ معاونت حاصل ڪندڙ دهشتگردي جي ناسور جو مڪمل خاتمو ڪري سگهجي.

مزید خبریں