وفاقي گهرو وزير جي سعودي عرب جي گهرو وزير سان اهم ملاقات

رياض -25 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پنهنجي سعودي عرب جي دوري دوران سعودي گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفي سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، پوليس ۽ پيرا ملٽري فورسز وچ ۾ ٽريننگ ايڪسچينج پروگرام ۽ علائقائي سلامتي جي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ برما (روهينگا)مسلمانن جي ليگل اسٽيٽس جي پراڻي مسئلي …

رياض -25 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پنهنجي سعودي عرب جي دوري دوران سعودي گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفي سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، پوليس ۽ پيرا ملٽري فورسز وچ ۾ ٽريننگ ايڪسچينج پروگرام ۽ علائقائي سلامتي جي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ برما (روهينگا)مسلمانن جي ليگل اسٽيٽس جي پراڻي مسئلي جي حل تي به ڳالهيون ڪيون. سعودي گهرو وزير ان اهم انساني مسئلي کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان جي حل لاءِ ڪوششون ڪرڻ تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو ٿورو مڃيو. ان موقعي تي سعودي گهرو وزير فيڊرل ڪانسٽيبلري جي هيڊ ڪوارٽر زتي ٿيل حملي ۾ شهيد اهلڪارن جي گهر ڀاتين سان به تعزيت جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهرو وزارت جي ورڪنگ گروپ جو اجلاس ايندڙ مهيني منعقد ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. محسن نقوي چيو ته سعودي عرب هر پاڪستاني جو ٻيو گهر آهي ۽ اسان کي سعودي عرب سان پنهنجي پراڻن، مضبوط ۽ پائيدار لاڳاپن تي فخر آهي. ملاقات ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري محمد خرم آغا، پاڪستان جو سفير احمد فاروق، ڪمانڊنٽ فيڊرل ڪانسٽيبلري نزير گاڙا، ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي محمد ادريس ۽ سعودي گهرو وزارت جون اعليٰ اختياريون به موجود هيون.

مزید خبریں