اينٽي انڪروچمنٽ سيل جون حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ غير قانوني حد دخلين خلاف ڪارروائيون جاري

حيدرآباد-25 نومبر (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جي هدايت تي لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرن جي نگراني ۾ سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات تعلقي حيدرآباد سٽي ۽ تعلقي قاسم آباد جي مختلف علائقن ۾ اينٽي انڪروچمينٽ سيل جون ڪارروائيون جاري رهيون. تفصيل موجب تعلقي سٽي ۾ نئين پل، رسالا روڊ، حيدرچوڪ ۽ گول بلڊنگ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ جڏهن ته تعلقي قاسم آباد جي علي …

حيدرآباد-25 نومبر (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جي هدايت تي لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرن جي نگراني ۾ سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات تعلقي حيدرآباد سٽي ۽ تعلقي قاسم آباد جي مختلف علائقن ۾ اينٽي انڪروچمينٽ سيل جون ڪارروائيون جاري رهيون. تفصيل موجب تعلقي سٽي ۾ نئين پل، رسالا روڊ، حيدرچوڪ ۽ گول بلڊنگ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ جڏهن ته تعلقي قاسم آباد جي علي پليس، علمدار چوڪ ۽ واڌو واهه وٽ غير قانوني حد دخلين جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيو ويو. ڪارروائي دوران غير قانوني فٽ پاٿن، روڊن تي رکيل شين ۽ ٻين رڪاوٽن کي هٽايو ويو ته جيئن ٽريفڪ ۽ عوام جي آمد رفت ۾ آساني پيدا ٿئي. انتظاميا موجب حد دخلين جي خاتمي لاءِ اهڙيون ڪارروائيون حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ مستقبل ۾ پڻ جاري رهنديون.

مزید خبریں