عورتن تي تشدد انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آھي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد

اسلام آباد - 25 نومبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آھي ته عورتن تي تشدد انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آھي، تشدد کان پاڪ معاشرو اسان جي اجتماعي ذميواري آھي. عورتن خلاف تشدد جي عالمي ڏينھن تي پنھنجي خاص پيغام ۾ سينيٽر روبينه خالد چيو ته عورتن کي با اختيار بڻائڻ بنا ترقي جو خواب ممڪن نه آھي. ھن چيو ته بي …

اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آھي ته عورتن تي تشدد انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آھي، تشدد کان پاڪ معاشرو اسان جي اجتماعي ذميواري آھي. عورتن خلاف تشدد جي عالمي ڏينھن تي پنھنجي خاص پيغام ۾ سينيٽر روبينه خالد چيو ته عورتن کي با اختيار بڻائڻ بنا ترقي جو خواب ممڪن نه آھي. ھن چيو ته بي آءِ ايس پي عورتن جي تحفظ ۽ با اختياريت لاءِ سرگرم آھي، تشدد جو ھر واقعو قبول نه ڪرڻ جوڳو آھي، ڏوھارين کي سخت سزا ملڻ گھرجي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته عورتن جي تعليم، روزگار ۽ تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آھي، عورتن جي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ پاليسين کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي رھيا آھيون، تشدد خلاف آواز اٿارڻ اسان سڀني جو معاشرتي ۽ اخلاقي فرض آھي. ھن چيو ته متاثر عوتن لاءِ قانوني مدد جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو، عورتن تي تشدد جي خاتمي لاءِ مردن جي شموليت به اڻٽر آھي. ھن چيو ته اسان اھڙو پاڪستان بڻائينداسين جتي ھر عورت وقار، آزادي ۽ تحفظ سان زندگي گذاري سگھي.

مزید خبریں