صوابي ۾ پوليس ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ، 2 دهشتگرد مارجي ويا

پشاور -25 نومبر (اي پي پي) صوابي ۾ پوليس ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن. صوابي پوليس ترجمان ٻڌايو ته سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات جو دير سان پوليس کي ديها ٽوپي واري علائقي ۾ دهشتگردن جو تخريبڪاري جي نيت سان موجودگي جو اطلاع مليو. اطلاع ملڻ تي پوليس موقعي واري هنڌ پهچي وئي، پوليس کي ڏسندي ئي دهشتگردن طرفان …

پشاور -25 نومبر (اي پي پي) صوابي ۾ پوليس ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن. صوابي پوليس ترجمان ٻڌايو ته سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات جو دير سان پوليس کي ديها ٽوپي واري علائقي ۾ دهشتگردن جو تخريبڪاري جي نيت سان موجودگي جو اطلاع مليو. اطلاع ملڻ تي پوليس موقعي واري هنڌ پهچي وئي، پوليس کي ڏسندي ئي دهشتگردن طرفان فائرنگ ڪئي وئي. پوليس جي ڀرپور جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان هينڊ گرنيڊ، 2 عدد پستول ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ ياسر ولد شير امان ۽ سعود الرحمان عرف سويد ولد بخت سلطان رهندڙ پابيني جي نالن سان ٿي آهي. جيڪي فتنه الخوارج جا سرگرم ميمبر آهن. پوليس موجب علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.

مزید خبریں