عورت تي تشدد نه رڳو انفرادي سطح تي غلط آهي پر معاشرن جي ترقي ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ پڻ آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد - 25 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ اسان سڄي دنيا جي ڪروڙين عورتن ۽ ڇوڪرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جيڪي اڃان به طرح طرح جي تشدد کي منهن ڏئي رهيون آهن، عورت تي تشدد نه رڳو انفرادي سطح تي غلط آهي پر انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي هجڻ سان گڏوگڏ انساني وقار جي ابتڙ عمل ۽ معاشرن جي …

اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ اسان سڄي دنيا جي ڪروڙين عورتن ۽ ڇوڪرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جيڪي اڃان به طرح طرح جي تشدد کي منهن ڏئي رهيون آهن، عورت تي تشدد نه رڳو انفرادي سطح تي غلط آهي پر انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي هجڻ سان گڏوگڏ انساني وقار جي ابتڙ عمل ۽ معاشرن جي ترقي ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ پڻ آهي، پاڪستان حڪومت ڪيترائي قدم کنيا آهن، جن ۾ ڪم ڪار واري جڳهه تي هراسمينٽ بابت عورت تحفظ (ترميمي) ايڪٽ 2022ع، تجاوز بالجبر جي خاتمي (تفتيش ۽ ٽرائل) ايڪٽ 2021ع، عورت ملڪيت حق لاڳو ايڪٽ 2020ع شامل آهن. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر آصف علي زرداري عورتن تي تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته اڄ اسان سڄي دنيا جي ڪروڙين عورتن ۽ ڇوڪرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جيڪي اڃان به طرح طرح جي تشدد کي منهن ڏئي رهيون آهن. هن چيو ته عورت تي تشدد نه رڳو انفرادي سطح تي غلط آهي پر انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي هجڻ سان گڏوگڏ انساني وقار جي ابتڙ عمل ۽ معاشرن جي ترقي ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ به آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته عورتن ۽ ڇوڪرين کي تعليم، هنر ۽ معاشي خودمختياري جي ذريعي بااختيار بڻائڻ تشدد کي ختم ڪرڻ جي بنيادي شرط آهي، مضبوط قانوني ڍانچي، اداراجاتي سهاري، آگاهي جي فروغ ۽ ثقافتي روين ۾ مثبت تبديلي به ان سلسلي ۾ ايتري ئي اهم آهي. هن چيو ته هن سال جو موضوع ”عورتن ۽ ڇوڪرين جي خلاف ڊيجيٽل تشدد جي خاتمي جي لاءِ اتحاد“ اسان کي اڳواٽ حڪمت عملين، متاثر عورتن جي مدد ۽ نظام ۾ سڌارن تي سيڙپڪاري وڌائڻ جي ترغيب ڏي ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته هي موضوع ڊيجيٽل دنيا ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي خلاف وڌندڙ تشدد جي فوري خاتمي جي ضرورت کي اجاگر ڪري ٿو، هي مهم حڪومتن، ٽيڪنالاجي ڪمپنين ۽ هر ماڻهو کي ان مسئلي جي خاتمي جي لاءِ متحرڪ ٿيڻ جو پيغام ڏي ٿي، اهڙي معاشري کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جتي عورتون بنا ڪنهن ڊپ جي زندگي گذاري سگهن، پاڪستان حڪومت ڪيترائي قدم کنيا آهن جن ۾ عورتن جي ڪم ڪار واري جڳهه تي تحفظ (ترميمي) ايڪٽ 2022ع، تجاوز بالجبر جي خاتمي (تفتيش ۽ ٽرائل) ايڪٽ 2021ع، عورتن جي حقن جي لاڳو ايڪٽ 2020ع شامل آهن. صدر چيو ته انهن ڪوششن کي انساني اسمگلنگ جي خاتمي ايڪٽ 2018ع سان به سگهه ملي  آهي جنهن ۾ عورتن جي استحصال ۽ جبري چرپر جي خلاف شقون موجود آهن، ان کانسواءِ نيشنل ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومن (اين سي ايس ڊبليو)، فيملي پروٽيڪشن سينٽر ۽ ٽول فري هيلپ لائين 1099 جهڙا مددگار ادارا قائم ڪيا ويا آهن. صدر چيو ته گهٽ عمر جي شادي جي خاتمي جي لاءِ قانونسازي پڻ انتهائي اهم آهي، ان ڏس ۾ سنڌ 18 سالن جي حد مقرر ڪري سرفهرست آهي جڏهن ته اسلام آباد ۽ پنجاب به اهو قانون ٺاهي چڪا آهن، اميد آهي ته ٻيا ٻه صوبا به جلد ان تي عمل ڪندا. صدر آصف علي زرداري چيو ته ان موقعي تي آئون سمورن سرڪاري ادارن، سول سوسائٽي ۽ برادرين کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي جي لاءِ پنهنجي گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته قانون نه رڳو منظور ٿين پر پوري طرح لاڳو به ڪيا وڃن، آئون سمورن ذميوار شهرين کي پڻ دعوت ڏيان ٿو ته اهي هر طرح جي فرق، محرومي ۽ خاموشي کي چئلينج ڪن، ڇو ته تبديلي جي شروعات اسان جي گهرن ۽ اسان جي ڪم وارين جاين تان ٿئي ٿي. هن چيو ته اچو اسان وچن ڪريون ته هڪ اهڙو مستقبل تعمير ڪنداسين جتي هر عورت ۽ هر ڇوڪريءَ خوف ۽ تشدد کان آزاد ٿي زندگي گذاري سگهي ۽ پنهنجون پوريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻي سگهي، آئون انهن سمورن متاثرين، ڪارڪنن، مدد فراهم ڪندڙ ادارن ۽ ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جيڪي عورتن جي عزت، تحفظ ۽ سلامتي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. صدر چيو ته اچو هن ڏينهن پنهنجي قومي عزم جي تجديد ڪريون، پنهنجي گڏيل ذميوارين جو احساس ڪندي هڪ اهڙو معاشرو جوڙڻ طرف وڌون جتي عورتن جا حق محفوظ هجن ۽ صنفي بنياد تي تشدد ڪنهن به جڳهه يا ڪنهن به شخص جي هٿان برداشت نه ڪيو وڃي، دعا آهي ته اسان جو اڄ جو ڪيل وچن ايندڙ سڀاڻي ۾ هڪ بهتر مستقبل جي صورت ۾ ظاهر ٿئي.

مزید خبریں