عورتن تي تشدد جي خلاف سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عورتن تي تشدد ۽ انهن کي هراسان ڪرڻ جي واقعن جي مڪمل خاتمي لاءِ گهڻ رخي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پئڪيج سميت ڪيترائي اهم قدم کڻي رهي آهي، عورتن تي تشدد جي خلاف سڀني کي متحد ٿيڻو …

اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عورتن تي تشدد ۽ انهن کي هراسان ڪرڻ جي واقعن جي مڪمل خاتمي لاءِ گهڻ رخي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پئڪيج سميت ڪيترائي اهم قدم کڻي رهي آهي، عورتن تي تشدد جي خلاف سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو. ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن عورتن تي تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سموري دنيا سان گڏ ان اهم مقصد کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي آواز کي بلند ڪري رهيو آهي، هن سال هي ڏينهن ”عورتن جي خلاف ڊيجيٽل تشدد جي خاتمي جي لاءِ متحد“ ٿيڻ جي عنوان تحت ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته هي عنوان جديد دور ۾ عورتن کي مختلف سطحن ۽ پليٽ فارمز تي تشدد ۽ هراسان ڪرڻ طرف ڌيان ڇڪرائي ٿو ۽ هي ڏينهن اسان کي ان ڳالهه جو موقعو فراهم ڪري ٿو ته اسان سوچون ۽ ان وچن جي تجديد ڪندي متحد ٿي ان جي خلاف جدوجهد ڪريون. وزيراعظم عورتن تي تشدد ۽ هراسان ڪرڻ جي واقعن جي مڪمل خاتمي جي لاءِ گهڻ رخي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته جامع حڪمت عملي ۾ نه رڳو اهڙي طرح جي واقعن جي خاتمي جا قدم شامل هجڻ گهرجن پر متاثر عورتن سان همدرديءَ ۽ معاشري جي استحصالي نظام جي اصلاح پڻ ان ۾ شامل آهي. هن چيو ته عورتن جي خلاف تشدد نه رڳو انسانيت ۽ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي آهي پر اهو معاشري جي امن ۽ سڪون ۽ ترقي ۽ خوشحالي ۾ تمام وڏي رڪاوٽ آهي، پاڪستان جو ائين وڏي واضح لفظن ۾ عورتن جي عزت ۽ احترام جي ضمانت ڏي ٿو ۽ انهن کي برابري جا حق فراهم ڪري ٿو جڏهن ته اسان جي معاشري ۾ عورتن کي ڪيترين ئي حالتن ۾ امتيازي سلوڪ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت عالمي سطح تي عورتن تي تشدد جي خاتمي جي عالمي معاهدي کي تسليم ڪري ٿي ۽ حڪومتي سطح تي عورتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پاليسي، قانونسازي، انتظامي، اداراجاتي ۽ ٻيا قدم کنيا پيا وڃن، انهن قدمن ۾ وزيراعظم جو عورتن کي بااختيار بڻائڻ جو وزيراعظم جو پئڪيج به شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت تشدد کان متاثر عورتن جي لاءِ اداراجاتي امداد کي يقيني بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، انهي ڏس ۾ آزاداڻيُون ڪميشنز قائم ڪيون ويون آهن جن ۾ قومي انساني حقن واري ڪميشن، ٻارن جي لاءِ قومي ڪميشن ۽ عورتن جي لاءِ قومي ڪميشن شامل آهي، ان کانسواءِ عورتن جو تحفظ سينٽر، عورت پوليس سينٽر، هيلپ لائينز ۽ تشدد کان متاثر عورتن جي مالي ۽ قانوني امداد جي لاءِ پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت عورتن جي قانوني تحفظ، انهن جي انصاف تائين پهچ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهي آهي، پاڪستان حڪومت سمورن لاڳاپيل ادارن، سول سوسائٽي ۽ انساني حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙن سان پڻ تعاون جاري رکندي ته جيئن عورتن جي تحفظ، خودمختياري ۽ انهن جي خوشحالي کي يقيني بڻائي سگهجي جڏهن ته رڳو ڪو قانون يا حڪومتي پاليسي عورتن تي تشدد جي مڪمل خاتمي کي يقيني نه ٿي بڻائي سگهي جيستائين معاشري ۾ عورتن جي تحفظ کي مجموعي ترجيح نه بڻايو وڃي ۽ معاشري ۾ ان جي خلاف آواز نه اٿاريو وڃي. هن چيو ته اسان جي ثقافت ۽ تهذيب ۾ پڻ عورتن جي لاءِ برابري، عزت ۽ احترام ۽ هر گهر ۾ ان کي يقيني بڻائڻ جي تعليم شامل آهي. هن سمورن شهرين، نوجوانن، سمورن سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن ۽ استادن تي زور ڏنو ته عورتن تي تشدد جي خلاف ۽ ان جي خاتمي جي لاءِ سڀ متحد ٿي وڃن، اچو سڀ گڏجي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي مضبوط ۽ يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو پختو ورجاءُ ڪريون ته پاڪستان ۾ موجود هر عورت ڪنهن به قسم جي خوف، تشدد، استحصالي ۽ امتيازي سلوڪ کان آزاد ٿي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي سگهي. هن چيو ته سمورا لاڳاپيل حڪومتي ادارا، معاشرو، سرڪاري ۽ غيرسرڪاري آرگنائيزيشنز ۽ عالمي تعاون گڏجي ئي محفوظ، انصاف پسند ۽ عورتن جي لاءِ برابري تي ٻڌل ماحول کي پاڪستان ۾ يقيني بڻائي سگهن ٿا.

مزید خبریں