صدر پاران بنون ۾ خوارج خلاف ڪامياب انٽيليجنس آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنون ۾ خوارج خلاف ڪامياب انٽيليجنس آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جي 22 دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ۽ اثرائتي جوابي ڪارروائي کي ساراهيندي چيو ته عزم استحڪام تحت جاري دهشتگردي جي خاتمي واري مهم ۾ پاڪستاني فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن …

اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنون ۾ خوارج خلاف ڪامياب انٽيليجنس آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جي 22 دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ۽ اثرائتي جوابي ڪارروائي کي ساراهيندي چيو ته عزم استحڪام تحت جاري دهشتگردي جي خاتمي واري مهم ۾ پاڪستاني فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو عزم قابل تعريف آهي. هن چيو ته ڀارت جي حمايت ۾ سرگرم خوارج جو خاتمو رياست جي اولين ترجيح آهي. صدر چيو ته شهيد ۽ غازي قوم جو فخر آهن. هن آپريشن دوران جرئت جو مظاهرو ڪندڙ سپاهين کي سلام پيش ڪيو.

مزید خبریں