اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جي صدارت هيٺ سردين جي موسم ۾ گيس لوڊشيڊنگ مئنجمينٽ بابت اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ گيس جي مناسب فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پيٽروليم ڊويزن جي اڳڀرائي سوئي ناردرن گيس پائيپ لائنز ۽ سوئي سدرن گيس ڪمپني جي لوڊ مئنجمينٽ پلان جو جائزو ورتو ويو. پيٽروليم ڊويزن واري وزارت جي ترجمان موجب پيٽروليم واري …
عوام کي سردين ۾ مناسب گيس جي فراهمي يقيني بنائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا: علي پرويز ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جي صدارت هيٺ سردين جي موسم ۾ گيس لوڊشيڊنگ مئنجمينٽ بابت اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ گيس جي مناسب فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پيٽروليم ڊويزن جي اڳڀرائي سوئي ناردرن گيس پائيپ لائنز ۽ سوئي سدرن گيس ڪمپني جي لوڊ مئنجمينٽ پلان جو جائزو ورتو ويو. پيٽروليم ڊويزن واري وزارت جي ترجمان موجب پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص هدايتن تي عوام کي سرديءَ جي موسم ۾ مناسب گيس جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. اجلاس ۾ ايس اين جي پي ايل ۽ ايس ايس جي سي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽرز سڄي ملڪ ۾ موجود گيس دستيابيءَ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير چيو ته عوام جي سهولت لاءِ ٻنهي سوئي ڪمپنين کي ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. آر ايل اين جي ڪنيڪشنز جي جاري ڪرڻ جو به جائزو ورتو ويو. هن چيو ته هلندڙ سال گهريلو صارفين لاءِ گيس جي فراهميءَ جي صورتحال گذريل سال جي ڀيٽ ۾ نمايان طور بهتر آهي. ايس اين جي پي ايل جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر موجب کاڌي پچائڻ جي وقتن ۾ معمول جي گيس جي سپلاءِ کان علاوه صبح 5 وڳي کان رات 10 تائين مسلسل گيس فراهم ڪئي پئي وڃي جنهن سان گهريلو صارفين جي ضرورت کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وفاقي وزير زور ڀريندي چيو ته گيس جي فراهميءَ ۾ بهتري عوامي سهولت کي اولين ترجيح ڏيندي ممڪن بڻايو ويو آهي. اجلاس ۾ پيٽروليم ڊويزن، سوئي ناردرن گيس، سوئي سدرن گيس ۽ اوگرا جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.











