ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي گڏيل مشن جو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو

اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي گڏيل مشن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو ڪيو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد ۽ سيڪريٽري عامر علي احمد مشن جو آڌرڀاءُ ڪيو. پاڪستان جي سماجي نيٽ ورڪ کي مضبوط بڻائڻ ۾ اي ڊي بي جي ڪردار جي ساراهه ڪئي، جيڪو سڄي ملڪ ۾ پُٺتي پيل گهراڻن جي زندگين تي مثبت اثر وجهي …

اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي گڏيل مشن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو ڪيو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد ۽ سيڪريٽري عامر علي احمد مشن جو آڌرڀاءُ ڪيو. پاڪستان جي سماجي نيٽ ورڪ کي مضبوط بڻائڻ ۾ اي ڊي بي جي ڪردار جي ساراهه ڪئي، جيڪو سڄي ملڪ ۾ پُٺتي پيل گهراڻن جي زندگين تي مثبت اثر وجهي رهيو آهي. اجلاس دوران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن قومي سماجي اقتصادي رجسٽري ڊيٽا جي مرڪزي اهميت تي روشني وڌي ۽ چيو ته سمورن صوبن کي ان حساسيت ۽ قومي اهميت کي تسليم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته بي آءِ ايس پي نسل، صوبي، زبان يا سياسي وابستگيءَ کان مٿاهون ٿي سڀني غريب ترين ماڻهن جي خدمت ڪري رهي آهي. هن ڊيٽا جي تحفظ جي اعليٰ ترين معيار کي يقيني بنائيندي محفوظ ۽ مؤثر ڊيٽا شيئرنگ لاءِ صوبن سان گڏيل ڊيش بورڊ بڻائڻ جي به تجويز ڏني. چيئرپرسن اهو به ٻُڌايو ته هن وقت 11 ملين ٻار بينظير تعليمي وظيفي واري پروگرام مان لاڀ پرائي رهيا آهن. هن چيو ته صوبا بي آءِ ايس پي سان مشاورت ذريعي انهن علائقن ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ قدم کڻي سگهن ٿا، جتي بي آءِ ايس پي جون خدمتون موجود نه هجن. اجلاس ۾ اي ڊي بي عملدارن سان هنرمندي، تربيت ذريعي انساني وسيلن جي ترقي، آگاهي ۽ اثاثن جي منتقلي جي پروگرام سميت ٻين اهم شعبن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي مشن ليڊرز زن لونگ ۽ لائسيسا تورا مستحق گهراڻن جي فلاح بهبود لاءِ بي آءِ ايس پي جي قدمن جي ساراهه ڪئي ۽ اي ڊي بي طرفان مسلسل تعاون جي خاطري ڪرائي. اي ڊي بي جي وفد جي ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ سينيئر پروجيڪٽ آفيسر منصور علي مسعود، پروجيڪٽ آفيسر (تعليم) فياض خان، ايسوسيئيٽ پروجيڪٽ آفيسر چارلس فليگس سميڊيلو شرڪت ڪئي. جڏهن ته بي آءِ ايس پي طرفان ايڊيشنل سيڪريٽري ڊاڪٽر عصمت نواز ۽ سمورن ڊائريڪٽر جنرلز اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں