اسلام آباد - 24 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حامد الرويلي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي، دفاعي ۽ سيڪيورٽي سميت سمورن شعبن ۾ تاريخي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سعودي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حامد الرويلي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي، دفاعي ۽ سيڪيورٽي سميت سمورن شعبن ۾ تاريخي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي، دفاعي ۽ سيڪيورٽي سميت ٻين سمورن شعبن ۾ تاريخي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم جنرل الرويلي جي آجيان ڪئي ۽ ڀائر ملڪ سعودي عرب پاران پاڪستان کي هر وقت فراهم ڪئي ويندڙ اڻٿڪ حمايت ۽ يڪجهتي تي سعودي عرب کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل مذهبن، هڪ جهڙي قدرن ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. وزيراعظم گذريل ٻن مهينن دوران رياض جي پنهنجي انتهائي ڪامياب دورن جو ذڪر ڪيو جن دوران ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ تاريخي اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ٿيون. وزيراعظم گڏيل تربيت، مشقن ۽ مهارت جي مٽاسٽا سميت ٻطرفي دفاعي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم هر قسم جي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل عزم کي پڻ اجاگر ڪيو. جنرل الرويلي سعودي قيادت پاران وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام کي مبارڪباد وارو پيغام پهچايو. هن پاڪستان سان موجوده بهترين دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ مملڪت جي مضبوط خواهش جو ورجاءُ ڪيو.











