وفاقي آئيني عدالت پاران نئين گاج ڊيم جي لاڳت ۽ دير جي حوالي سان واپڊا ۽ ٺيڪيدار کي ڳالهين جو حڪم

اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ نئين گاج ڊيم جي تعمير بابت ڪيس جي ٻڌڻي سومر ڏينهن چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي. واپڊا طرفان سلمان منصور پيش ٿيو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته ٺيڪيدار معاهدي تي عمل نه پيو ڪري جنهن سبب منصوبي ۾ دير ۽ لاڳت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. جسٽس ارشد حسين شاهه رمارڪس ڏنا ته …

اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ نئين گاج ڊيم جي تعمير بابت ڪيس جي ٻڌڻي سومر ڏينهن چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي. واپڊا طرفان سلمان منصور پيش ٿيو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته ٺيڪيدار معاهدي تي عمل نه پيو ڪري جنهن سبب منصوبي ۾ دير ۽ لاڳت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. جسٽس ارشد حسين شاهه رمارڪس ڏنا ته ٻنهي ڌرين کي ويهي مسئلي جو حل ڪڍڻ گهرجي. چيف جسٽس امين الدين خان چيو ته جيڪڏهن ڳالهين سان معاملو حل نه ٿئي ته عدالت فيصلو ڪندي. بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 3 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

مزید خبریں