قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پاڪستان جي پهرين عورت فائيٽر پائليٽ مريم مختيار جي 10 هين ورسي تي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان جي پهرين عورت فائٽر پائليٽ مريم مختيار شهيد کي سندس 10هين ورسي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پهرين عورت فائٽر پائليٽ مريم مختيار شهيد عزم، حوصلي، محنت ۽ لڳن جي نئين تاريخ رقم ڪئي. سومر ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مريم مختيار شهيد پاڪستان جي عورتن لاءِ نيون راهون هموار ڪيون، قوم …

اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان جي پهرين عورت فائٽر پائليٽ مريم مختيار شهيد کي سندس 10هين ورسي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پهرين عورت فائٽر پائليٽ مريم مختيار شهيد عزم، حوصلي، محنت ۽ لڳن جي نئين تاريخ رقم ڪئي. سومر ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مريم مختيار شهيد پاڪستان جي عورتن لاءِ نيون راهون هموار ڪيون، قوم پنهنجي بهادر نياڻيءَ جي قرباني ۽ خدمتن تي فخر ڪري ٿي، مريم مختيار شهيد ثابت ڪيو ته پاڪستاني عورتون ملڪ جي دفاع ۾ مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پنهنجون صلاحيتون پيش ڪري سگهن ٿيون. سندس قرباني ايندڙ نسلن لاءِ عزم، خدمت ۽ حب الوطني جو روشن مينار آهي.

مزید خبریں