لاهور-24 نومبر (اي پي پي) پاڪستان بار ڪائونسل جي چونڊن جون سرگرميون زور وٺي رهيون آهن. مختلف وڪيل گروپن بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ پنهنجن پنهنجن اميدوارن بابت مشاورت شروع ڪري ڇڏي. اليڪشن شيڊول موجب پاڪستان بار ڪائونسل جا ميمبر چونڊ لاءِ اڄ نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرائيندا. جڏهن ته 2 ڊسمبر تي جمع ٿيل ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪئي ويندي. 5 ڊسمبر تي اميدوار پنهنجي نامزدگيءَ وارا ڪاغذ به …
پاڪستان بار ڪائونسل جي چونڊن لاءِ چونڊ شيڊول جاري

مزید خبریں
لاهور-24 نومبر (اي پي پي) پاڪستان بار ڪائونسل جي چونڊن جون سرگرميون زور وٺي رهيون آهن. مختلف وڪيل گروپن بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ پنهنجن پنهنجن اميدوارن بابت مشاورت شروع ڪري ڇڏي. اليڪشن شيڊول موجب پاڪستان بار ڪائونسل جا ميمبر چونڊ لاءِ اڄ نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرائيندا. جڏهن ته 2 ڊسمبر تي جمع ٿيل ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪئي ويندي. 5 ڊسمبر تي اميدوار پنهنجي نامزدگيءَ وارا ڪاغذ به واپس وٺي سگهندا. 6 ڊسمبر تي اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي. 13 ڊسمبر تي چونڊ ٿيندي، جڏهن ته 22 ڊسمبر تي چونڊ نتيجن جو اعلان ڪيو ويندو. اٽارني جنرل آف پاڪستان رٽرننگ آفيسر طور چونڊ عمل جي نگراني ڪندو.











