وفاقي وزير مصدق ملڪ سان ايف اي او جي وفد جي ملاقات، تعاون جي نَون موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي)موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان خوراڪ ۽ زراعت بابت گڏيل قومن جي تنظيم ايف اي او جي وفد ملاقات ڪئي. جنهن جي اڳواڻي لينڊ اينڊ واٽر ڊويزن جو ڊائريڪٽر لافينگ لي ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ پائيدار ايراضي جي انتظامن، پاڻي وسيلن جي مؤثر استعمال ۽ موسمياتي لچڪدار ترقي لاءِ گڏيل تعاون کي مضبوط ڪرڻ …

اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي)موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان خوراڪ ۽ زراعت بابت گڏيل قومن جي تنظيم ايف اي او جي وفد ملاقات ڪئي. جنهن جي اڳواڻي لينڊ اينڊ واٽر ڊويزن جو ڊائريڪٽر لافينگ لي ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ پائيدار ايراضي جي انتظامن، پاڻي وسيلن جي مؤثر استعمال ۽ موسمياتي لچڪدار ترقي لاءِ گڏيل تعاون کي مضبوط ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڪالهه موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب لافينگ لي پاڪستان جي موسمياتي ڪمزورين کي نظر ۾ رکندي فوڊ سسٽمز ۽ قدرتي وسيلن جي بهتر انتظام جي اهميت تي زور ڀريو. هن پاڪستان ۾ ايف اي او جي جاري منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، جن ۾ سنڌو درياهه جي وسيلن جي بهتر استعمال ۽ پاڻيءَ جي نظم و ضبط ۾ بهتريءَ جا قدم شامل هئا. ان موقعي تي هن ڪنٽري پروگرامنگ فريم ورڪ 2023ع، 2027ع سان گڏوگڏ ايڪوا پورٽل به پيش ڪيو جيڪو مختلف سرڪاري ادارن سان ڄاڻ جي مٽاسٽا جو هڪ مؤثر پليٽ فارم آهي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ ايف اي او جي مدد کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهڙن شعبن کي ترجيحي ڏيڻ گهرجي جتي عوامي شرح منافعو گهٽ آهي، خاص ڪري سگهه ۾ واڌ، اداره جاتي مضبوطي. هن موسمياتي تبديلي واري وزارت جي تعاون سان گرين ڪلسٽرز قائم ڪرڻ جي به ڳالهه ڪئي جنهن جو مقصد ماحول دوست، ڪاروباري منصوبن تي ڪم ڪندڙ نوجوان، پاڪستانين کي عالمي سيڙپڪارن سان جوڙڻ آهي. وفاقي وزير انتظامي تعاون ۽ سگهه ۾ واڌ عوامي ۽ نجي شعبن جي سهڪار ۽ ٻين لاڳاپيل فريم ورڪس تي مؤثر ۽ منظم تعاون جي ضرورت تي به زور ڀريو. هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته موسمياتي منصوبن لاءِ اهي قرض استعمال نه ٿيڻ گهرجن جيڪي تعليم، صحت ۽ انساني ترقي جهڙن اهم شعبن لاءِ رکيا ويا هجن، ڇاڪاڻ ته اهڙا قدم پاڪستان جي ايس ڊي جيز کي حاصل ڪرڻ جي رفتار کي متاثر ڪن ٿا. آخر ۾ ڊاڪٽر ملڪ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته موسمياتي منصوبا بنديءَ ۾ وزارت جو فعال ڪردار ۽ وفاق، صوبن ۽ عالمي تنظيمن وچ ۾ مؤثر حڪمت عملي جو هم آهنگ ٿيڻ پائيدار نتيجن لاءِ اڻٽر آهي.

مزید خبریں