ريلوي واري وفاقي وزير جي هدايت تي مسافر کي 40 هزار رپيا واپس ڪندڙ ريلوي ملازمن کي روڪ انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ پيش

اسلام آباد- 24 نومبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي هدايت تي سي اي او ريلويز عامر علي بلوچ، مسافر کي 40 هزار رپيا واپس ڪندڙ ريلوي ملازمن کي روڪ انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ پيش ڪيا. 22 نومبر تي مسافر ٽڪيٽ خريد ڪرڻ وقت 40 هزار رپيا وڌيڪ ادائيگي ڪئي هئي، جنهن تي ٽرين مينجر منصور ۽ ايس ٽي اعجاز، فوري مسافر کي اطلاع ڏنو …

اسلام آباد- 24 نومبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي هدايت تي سي اي او ريلويز عامر علي بلوچ، مسافر کي 40 هزار رپيا واپس ڪندڙ ريلوي ملازمن کي روڪ انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ پيش ڪيا. 22 نومبر تي مسافر ٽڪيٽ خريد ڪرڻ وقت 40 هزار رپيا وڌيڪ ادائيگي ڪئي هئي، جنهن تي ٽرين مينجر منصور ۽ ايس ٽي اعجاز، فوري مسافر کي اطلاع ڏنو ۽ رقم واپس ڪئي، مسافر جي وڊيو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي. وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، ملازمن جي ايمانداري تي روڪ انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي، جنهن تي سي اي او ريلويز عامر علي بلوچ، ملازمن کي روڪ انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ پيش ڪيا. هن چيو ته اهڙا ايماندار ملازم پاڪستان ريلوي جو فخر، فرض شناسي ۽ ديانت جو حقيقي مثال آهن.

مزید خبریں