سڄي ملڪ ۾ ارڙي، روبيلا ۽ پوليو کان بچاءَ واري قومي ويڪسينيشن مهم جاري

اسلام آباد- 24 نومبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ ارڙي، روبيلا ۽ پوليو کان بچاءَ واري قومي ويڪسينيشن مهم جاري آهي. قومي ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) طرفان جاري بيان مطابق مهم دوران 3 ڪروڙ 54 لک ٻارن کي ارڙي ۽ روبيلا کان بچاءَ جي ويڪسين ڏني پئي وڃي، سڄي ملڪ جي 90 هاءِ رسڪ ضلعن ۾ هلندڙ هفتي 2 ڪروڙ 33 لک ٻارن کي پوليو کان …

اسلام آباد- 24 نومبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ ارڙي، روبيلا ۽ پوليو کان بچاءَ واري قومي ويڪسينيشن مهم جاري آهي. قومي ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) طرفان جاري بيان مطابق مهم دوران 3 ڪروڙ 54 لک ٻارن کي ارڙي ۽ روبيلا کان بچاءَ جي ويڪسين ڏني پئي وڃي، سڄي ملڪ جي 90 هاءِ رسڪ ضلعن ۾ هلندڙ هفتي 2 ڪروڙ 33 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري رهيا آهن. ويڪسين سرڪاري صحت مرڪزن، اسڪولن، مدرسن ۽ عارضي ويڪسينيشن مرڪزن تي فراهم ڪئي پئي وڃي. اختيارين، والدين کي اپيل ڪئي آهي ته هو هر پوليو مهم ۾ پنهنجي 5 سالن تائين جي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا لازمي پيارين. پوليو جو خاتمو اسان سڀني جي گڏيل قومي ذميواري آهي. ٻارن کي پوليو ويڪسين سان گڏوگڏ حفاظتي ٽُڪن جو ڪورس به وقت سر مڪمل ڪرائين. قومي ويڪسينيشن مهم 29 نومبر تائين جاري رهندي. سال 2025ع جي آخري قومي پوليو کان بچاءَ واري مهم 15 کان 21 ڊسمبر تائين منعقد ڪئي ويندي.

مزید خبریں