پاڪستان هندو ڪائونسل ڀارتي بچاءَ واري وزير جي سنڌ بابت چِڙ ڏياريندڙ بيان جي مذمت

اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) پاڪستان هندو ڪائونسل ڀارتي بچاءَ واري وزير جي سنڌ بابت چِڙ ڏياريندڙ بيان جي پُرزور لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته محبِ وطن پاڪستاني هندو ڪميونٽي پاڪستان کي پنهنجي ڌرتي ماءُ سمجهي ٿي. سنڌ پاڪستان جو حصو آهي، دنيا ۾ سرحدون جذباتي نعرن يا تقريرن سان تبديلي نٿيون ٿين. پنهنجي بيان ۾ پاڪستان هندو ڪائونسل جي سرپرستِ اعليٰ ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي چيو ته …

اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) پاڪستان هندو ڪائونسل ڀارتي بچاءَ واري وزير جي سنڌ بابت چِڙ ڏياريندڙ بيان جي پُرزور لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته محبِ وطن پاڪستاني هندو ڪميونٽي پاڪستان کي پنهنجي ڌرتي ماءُ سمجهي ٿي. سنڌ پاڪستان جو حصو آهي، دنيا ۾ سرحدون جذباتي نعرن يا تقريرن سان تبديلي نٿيون ٿين. پنهنجي بيان ۾ پاڪستان هندو ڪائونسل جي سرپرستِ اعليٰ ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي چيو ته ڀارتي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه جو بيان غير ذميوارڻو، چِڙ ڏياريندڙ ۽ احمقاڻو آهي، اسان کي فخر آهي ته ورهاڱي وقت قائداعظم محمدعلي جناح جي چوڻ تي اسان جي وڏڙن لڏپلاڻ جو اِرادو ترڪ ڪيو. ڊاڪٽر رميش ڪمار چيو ته پاڪستان هندو ڪميونٽي حڪومت کان مطالبو ڪري ٿي ته ڀارتي بچاءَ واري وزير جي بيان تي سفارتي سطح تي سخت نوٽيس ورتو وڃي.

مزید خبریں