ڪراچي-24 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊڪوارٽر تي ٿيل دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد ملڪ ۽ قوم جا دشمن آهن ۽ سندن بزدلاڻا حملا قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته اهڙا بزدلاڻا حملا پاڪستان جي امن ۽ استحڪام کي نشانو بنائڻ جي ناڪام ڪوشش آهن. هن سيڪيورٽي فورسز …
سنڌ جي گورنر پاران پشاور ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر تي ٿيل دهشتگرد حملي جي سخت مذمت

مزید خبریں
ڪراچي-24 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊڪوارٽر تي ٿيل دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد ملڪ ۽ قوم جا دشمن آهن ۽ سندن بزدلاڻا حملا قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته اهڙا بزدلاڻا حملا پاڪستان جي امن ۽ استحڪام کي نشانو بنائڻ جي ناڪام ڪوشش آهن. هن سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر، جرئتمنداڻي ۽ اثرائتي ڪارروائي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته فورسز پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ وڏي جاني نقصان کي روڪي بهادري جو نئون مثال قائم ڪيو. هن شهيد اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي. ڪامران خان ٽيسوري چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سڄي قوم متحد آهي ۽ رياستي ادارا پوري سگهه سان پنهنجا فرض نڀائي رهيا آهن. هن واضح ڪيو ته پاڪستان دشمن عناصر جي ناپاڪ ارادن کي هر محاذ تي ناڪام بڻايو ويندو ۽ ملڪ ۾ امن کي هر صورت يقيني بڻايو ويندو.











