سياست ۾ سڀ کان وڏي غلطي بائيڪاٽ جي هوندي آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 24 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سياست ۾ سڀ کان وڏي غلطي بائيڪاٽ جي هوندي آهي، ڌانڌلي جو الزام تڏهن لڳندو جڏهن توهان ميدان ۾ هوندا، اپوزيشن ڪنهن چونڊ عمل ۾ شريڪ نه ٿي ته ڌانڌلي جو الزام ڪهڙو؟ پيپلزپارٽي اسان جي اتحادي پارٽي آهي جنهن هر موقعي تي ڀرپور ساٿ ڏنو. ”مزاج نيوز“ جي افتتاحي …

اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سياست ۾ سڀ کان وڏي غلطي بائيڪاٽ جي هوندي آهي، ڌانڌلي جو الزام تڏهن لڳندو جڏهن توهان ميدان ۾ هوندا، اپوزيشن ڪنهن چونڊ عمل ۾ شريڪ نه ٿي ته ڌانڌلي جو الزام ڪهڙو؟ پيپلزپارٽي اسان جي اتحادي پارٽي آهي جنهن هر موقعي تي ڀرپور ساٿ ڏنو. ”مزاج نيوز“ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مثبت رويي سان مسئلن جو حل ممڪن آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل پليٽ فارمز وقت جي ضرورت آهن، ان جي تيزي سان ترقي ارتقائي عمل جو حصو آهي، حڪومت ڊيجيٽل ميڊيا جي فروغ جي لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي. هن تجويز ڏني ته سمورا ڊيجيٽل پليٽ فارمز گڏجي هڪ ايسوسيئيشن جوڙين ته جيئن ايڊيٽوريل پاليسي ۽ ڪوڊ آف ايٿڪس جو باضابطا نظام قائم ٿي سگهي. وفاقي وزير ”مزاج نيوز“ پاران سينيئر صحافين تي ٻڌل ايڊيٽوريل بورڊ جي قيام کي خوش آئنده قرار ڏنو ۽ چيو ته ان سان پيشيواراڻي ذميوارين جو احساس وڌندو. هن چيو ته حڪومت ڊيجيٽل ميڊيا کي آفيشل حيثيت ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ته جيئن ان کي سپورٽ پڻ ڪري سگهجي ۽ ٻنهي طرفان باقاعده ايڊيٽوريل پاليسي ۽ ڪوڊ آف ايٿڪس تي عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته آءِ ٽي ايڪسپورٽس ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان جي آءِ ٽي پروفيشنلز کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي ۽ تازي جنگ ۾ روايتي ميڊيا سان گڏوگڏ ڊيجيٽل ميڊيا پڻ فرنٽ لائين تي ڪردار ادا ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته رياست جي مضبوطي ۽ ملڪي وقار جي لاءِ ضروري آهي ته ڊيجيٽل ميڊيا اهڙوموثر ٽول بڻجي جيڪو دسمن جي پروپئگنڊه جو وقت سر ۽ مضبوط جواب ڏي. اسان جو خواب آهي ته پاڪستان جي ڊيجيٽل ميڊيا ايتري مضبوط ٿئي جو دنيا چوي ته پاڪستان جي ڊيجيٽل ميڊيا سان پنگو ناهي وٺڻو، اهي رياست جي معاملي تي گڏ ٿي وڃن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيپلزپارٽي اسان جي اهم اتحادي پارٽي آهي، ان جي هر سطح تي سپورٽ رهي آهي ۽ انهن کي عزت جي نگاهه سان ڏسون ٿا. مظفر ڳڙهه ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوار جي ضمني چونڊ ۾ ڪاميابي تي هن پيپلزپارٽي کي مبارڪباد پڻ ڏني. اطلاعات واري وزارت جي ڊيجيٽل قدمن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان جو پهريون سرڪاري ڊيجيٽل ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ قائم ڪيو ويو جيڪو اڳ ۾ موجود نه هو. هاڻي پاڪستان ٽي وي لانچ ڪيو ويو آهي جڏهن ته آذربائيجان پنهنجي ماڻهن کي ٽريننگ ۽ اسان جو سسٽم ڏسڻ جي لاءِ پاڪستان موڪلڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ته جيئن اتي به اهڙو نظام سرڪاري طور تي جوڙي سگهن. وفاقي وزير چيو ته ڊي ايٽ اطلاعات واري وزيرن پاڪستان جي پيش ڪيل فيڪٽ چيڪنگ نظام ۽ خطي ۾ گڏيل غلط معلومات جي خاتمي واري پليٽ فارم جي قيام جي تجويز جي توثيق ڪئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته سياست ۾ سدائين دروازا کليل رهندا آهن، اياز صادق فلور آف دي هائوس ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته قومي سلامتي ۽ رياستي ادارن کي نشانو بڻائيندڙ پوسٽون مسلسل سامهون اچي رهيون آهن، اهو عمل ڪير ڪري رهيو آهي؟ هن سوال اٿاريو ته دشمن ملڪ خاص طور تي ڀارت پاران پاڪ فوج ۽ عسڪري قيادت جي خلاف پروپئگنڊه ڪئي وڃي ٿي پر جيڪڏهن اها ئي مهم ملڪ جي اندران سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي ذريعي هلائي وڃي ته ان جي پٺيان ڪنهن جي ايجنڊا ٿي سگهي ٿي؟ هن واضح ڪيو ته اهڙن معاملن تي ڪو ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته فواد چوڌري جي افهام ۽ تفهيم جي ڳالهه مثبت آهي، اسان ان جي آجيان به ڪئي جڏهن ته ماضي ۾ ٺهندڙ ڪميٽي کي ڇڏي ڪير ويو؟ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بيانيي جي جنگ ۾ پاڪستان سفارتي ۽ عسڪري محاذ تي نمايان برتري ٽيم ورڪ تحت حاصل ڪئي جيڪو سويلين حڪومت ۽ رياستي ادارن جي مضبوط حصيداري جو نتيجو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جماعت اسلامي جو پنهنجو ويزن آهي، انهن جا احتجاج سدائين پرامن رهيا آهن. تنقيد انهن ضرور ڪئي پر تهذيب جي دائري ۾ رهي ڪئي. هن چيو ته جماعت اسلامي وڏو جلسو ڪري مثال قائم ڪيو، اتي هڪ پتي تائين نه ٽوڙيو ويو ۽ ڪنهن به سرڪاري ملڪيت کي نقصان نه پهتو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته سياسي ڪارڪنن پاران صحافين ۽ عوامي نمائندن جو گهيراءُ ڪرڻ، ڪئميره کڻي پويان پئجي وڃڻ صحيح روايت نه آهي، جواب ڏيندڙ وڌيڪ سخت جواب ڏئي سگهي ٿو، ان روش کي ختم ڪرڻو پوندو. هن هڪ تازي واقعي جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته هڪ عورت صحافي جي ٽرولنگ جي معاملي تي اڌ ڪلاڪ ۾ نوٽيس ورتو. لاڳاپيل اڪائونٽ 24 ڪلاڪن جي اندر غيرمشروط معافي ورتي. اهڙا مثال سياسي قيادت کي پاڻ قائم ڪرڻا هوندا آهن. فيڪ نيوز جي روڪٿام بابت سوال تي هن چيو ته دنيا هن وقت ٻن طرح جي ماڻهن ۾ ورهايل آهي، هڪ ڊيجيٽل نيٽيوز آهن جيڪي ڊيجيٽل دور ۾ پيدا ٿيا، هڪ ڊيجيٽل اميگرنٽس آهن جيڪي پيدا پهرين ٿيا ۽ ڊيجيٽل دنيا ۾ هجرت ڪري آيا، پرنٽ ميڊيا کان اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين ارتقا جو عمل هڪ نظام تحت ٿيو، ملڪ ۾ پيمرا ٺهي، انهن ادارن چينلز کوليا جن جون اخباورن اڳ ۾ موجود هيون، ان سان تمام سٺو نظام ٺهي ويو. ٻي ارتقا اليڪٽرانڪ کان ڊيجيٽل ميڊيا ۾ ٿي جيڪو ڪنهن نظام تحت نه آهي پر هڪدم ٿيو. هن تجويز ڏني ته ڊيجيٽل ميڊيا پليٽ فارمز جي ايسوسيئيشن جوڙي قاعدا ۽ ضابطا جوڙيا وڃن ته جيئن فيڪ نيوز جي روڪٿام ۾ مدد ملي. هن چيو ته لکين ڊالر پاڪستان جي اندر ويهي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي ذريعي ڪمايا پيا وڃن پر قومي خزاني کي هڪ رپيو به نه ٿو ملي، ان لاءِ رجسٽريشن ۽ ضابطا سازي لازمي آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڪو اهڙو ٽي وي چينل نه آهي جنهن جا اشتهار بند هجن، اهي اسان جو بيانيو هلائين يا نه هلائين ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي، اهي  ٽي وي چينلز هڪ نظام تحت رجسٽرڊ آهن ۽ رولز پورا ڪن ٿا، انهن وٽ لائيسنس آهي ته اهي اهل آهن. جرنلسٽس پروٽيڪشن قانون جي حوالي سان هن ٻڌايو ته خيبر يونين آف جرنلسٽس، بلوچستان يونين آف جرنلسٽس، پنجاب يونين آف جرنلسٽس، سنڌ يونين آف جرنلسٽس ۽ پي ايف يو جي جا گروپس پنهنجون نامزدگيون ڏين، حڪومت انهن کي شامل ڪندي. اپوزيشن پاران ضمني چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته سياست ۾ سڀ کان وڏي غلطي بائيڪاٽ جي هوندي آهي، ڌانڌلي جو الزام تڏهن لڳائين ها جڏهن توهان ميدان ۾ هجو ها، جڏهن توهان ڪنهن چونڊ عمل ۾ شريڪ نه آهيو ته ڌانڌلي جو الزام ڪهڙو؟.

مزید خبریں