اسلام آباد - 24 نومبر (اي پي پي) مذھبي معاملن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر سيد عطا الرحمان چيو آھي ته قرآن حڪيم مڪمل ضابطا حيات آھي. قرآت جو پهريون عالمي مقابلو منعقد ڪرڻ پاڪستان لاءِ وڏي سعادت آھي. گذريل ڏينھن قرآت جي عالمي مقابلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ھن چيو قرآت جي عالمي مقابلي جو اھو اجتماع انتھائي تاريخي اھميت جو وارو آھي. ان جي اھميت جو سڀ کان …
قرآت جو عالمي مقابلو، قرآن حڪيم مڪمل ضابطا حيات آھي: مذھبي معاملن وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر سيد عطاالرحمان

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) مذھبي معاملن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر سيد عطا الرحمان چيو آھي ته قرآن حڪيم مڪمل ضابطا حيات آھي. قرآت جو پهريون عالمي مقابلو منعقد ڪرڻ پاڪستان لاءِ وڏي سعادت آھي. گذريل ڏينھن قرآت جي عالمي مقابلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ھن چيو قرآت جي عالمي مقابلي جو اھو اجتماع انتھائي تاريخي اھميت جو وارو آھي. ان جي اھميت جو سڀ کان وڏو سبب قرآن حڪيم آھي. اھا الله جي آخري ڪتاب آھي جيڪا مڪمل ضابظا حيات آھي. ان مقابلي جي منعقد ٿيڻ جي حوالي سان جن،جن شخصيتن مذھبي معاملن واري وزارت سان سهڪار ڪيو آھي اسان انھن جا ٿورائتا آھيون. ھن چيو ته ان مقابلي ۾ دنيا جي 40 ملڪن جا قاري شريڪ آھن. اھو پنھنجي نوعيت جو پاڪستان ۾ پھرين پروگرام آھي. انشا الله ھاڻي اھو سلسلو جاري رھندو ۽ قرآن حڪيم جي خدمت جي حوالي سان اھو پروگرام جاري رھندو.











