اسلام آباد -24 نومبر (اي پي پي) صحت وارو وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال 11هين ترڪيه ميڊيڪل ورلڊ ڪانگريس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ انقره پهچي ويو. صحت واري وزارت پاران جاري بيان موجب هوائي اڏي تي ترڪيه جي صحت واري وزارت جي سينيئر اختيارين، پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد سندس شاندار استقبال ڪيو. صحت واري وزير جو اهو دورو پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ صحت جي شعبي م …
صحت وارو وفاقي وزير 11 هين ترڪيه ميڊيڪل ورلڊ ڪانگريس ۾ پاڪستان جي نمائندگي لاءِ انقره پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد -24 نومبر (اي پي پي) صحت وارو وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال 11هين ترڪيه ميڊيڪل ورلڊ ڪانگريس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ انقره پهچي ويو. صحت واري وزارت پاران جاري بيان موجب هوائي اڏي تي ترڪيه جي صحت واري وزارت جي سينيئر اختيارين، پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد سندس شاندار استقبال ڪيو. صحت واري وزير جو اهو دورو پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ صحت جي شعبي م ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهميت رکي ٿو جنهن سان ٻنهي ملڪن ۾ تجربن جي مٽاسٽا، طبي تحقيق ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم اڳڀرائي ٿيندي ۽ ان سان صحت جي شعبي ۾ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪيو ويندو.











