اسلام آباد - 24 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر تي فتنه الخوارج جي حملي جي سخت مذمت ڪندي شهيدن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته حملو مُلڪ جي خلاف ٻاهرين مدد سان سرگرم خارجي دهشتگردن جي …
صدر پاران پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر تي فتنه الخوارج جي حملي جي سخت مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر تي فتنه الخوارج جي حملي جي سخت مذمت ڪندي شهيدن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته حملو مُلڪ جي خلاف ٻاهرين مدد سان سرگرم خارجي دهشتگردن جي بزدلاڻي ڪارروائي آهي. صدر چيو ته مُلڪ مان پرڏيهي حمايت يافته خوارج جي دهشتگردي جو مڪمل خاتمو اولين ترجيح آهي. صدر سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي بروقت ۽ دليراڻي ڪارروائي تي خراج تحسين پيش ڪيو.











