وزيراعظم پاران پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت

اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ڪارروائي سبب هڪ وڏي نقصان کان بچي وياسين، واقعي جي ذميوارن کي …

اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊ ڪوارٽر تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ڪارروائي سبب هڪ وڏي نقصان کان بچي وياسين، واقعي جي ذميوارن کي جلد کان جلد سُڃاڻپ ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. پاڪستان جي سالميت تي حملو ڪندڙ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملايو ويندو. وزيراعظم زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي سندن جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

مزید خبریں