اسلام آباد -24 نومبر (اي پي پي) افغانستان ۾ سرگرم دهشتگرد نيٽ ورڪس تي عالمي ادارا خطرو محسوس ڪرڻ لڳا جڏهن ته شنگهائي ڪو آپريشن آرگنائيزيشن ۾ عالمي عهديدارن پاران پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب افغان رسالي افغانستان انٽرنيشنل جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته ايس سي او جي عهديدارن خبردار ڪيو آهي ته افغانستان ۾ دهشتگرد گروهه وڌيڪ فعال ٿي رهيا آهن. …
دهشتگردي جو ڳڙهه افغانستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو بڻجي ويو: عالمي ادارا

مزید خبریں
اسلام آباد -24 نومبر (اي پي پي) افغانستان ۾ سرگرم دهشتگرد نيٽ ورڪس تي عالمي ادارا خطرو محسوس ڪرڻ لڳا جڏهن ته شنگهائي ڪو آپريشن آرگنائيزيشن ۾ عالمي عهديدارن پاران پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب افغان رسالي افغانستان انٽرنيشنل جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته ايس سي او جي عهديدارن خبردار ڪيو آهي ته افغانستان ۾ دهشتگرد گروهه وڌيڪ فعال ٿي رهيا آهن. اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر جي سربراهه اولار بيڪ شارشيف خبردار ڪيو آهي، ته عالمي دهشتگرد گروهن جون سرگرميون افغانستان ۽ شام ۾ وڌي ويون آهن، دهشتگرد گروهه حملا، سليپر سيل جي قيام ۽ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ دائرو وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، افغانستان ۾ سرگرم دهشتگرد ٽئين ملڪ جا جعلي دستاويز استعمال ڪري رهيا آهن. آزاد رياستن جي دهشتگردي جي خاتمي واري تنظيم جي سربراهه چيو آهي ته دهشتگرد گروهه علائقائي اثر رسوخ ۾ اضافي لاءِ افغانستان ۾ چر پر وڌائي رهيا آهن. افغانستان انٽرنيشنل موجب ايس سي او ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر جي 11هين ڪانفرنس تاشقند ۾ 20-21 نومبر کان منعقد ٿي هئي، گڏيل قومن، يورپ ۾ سيڪيورٽي ۽ تعاون واري تنظيم انٽرپول ۽ ٻين عالمي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي هئي. ڪانفرنس ۾ شهرين کي انتهاپسند نيٽ ورڪس ۾ شموليت کان روڪڻ ۽ سائبر سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون هيون. واضح رهي ته افغانستان ۾ سرگرم دهشتگرد گروهن تي عالمي ڳڻتي پاڪستان جي موقف جي فتح آهي.











