لاهور - 24 نومبر(اي پي پي) فلم فيسٽيول ۾ پهرين نمبر تي آيل ڪرائن ٿرلر فلم” ججي“ کي عالمي سطح تي وڏي شهرت ملڻ لڳي آهي. فلم کي ايمازون پرائم جي بينر هيٺ آمريڪا ۽ برطانيه ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. آءِ جي پنجاب پوليس ڊاڪٽر عثمان انور فلم کي عالمي فورم تي مليندڙ شهرت کي ساراهيندي ڊائريڪٽر حبيب شهزاد کي مبارڪون ڏيندي چيو ته پوليس فورس جي …
ڪرائيم ٿرلر فلم” ججي “ کي عالمي سطح تي وڏي شهرت ملڻ لڳي، عالمي ۽ قومي سطح تي به ڪيترائي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري چڪي

مزید خبریں
لاهور – 24 نومبر(اي پي پي) فلم فيسٽيول ۾ پهرين نمبر تي آيل ڪرائن ٿرلر فلم” ججي“ کي عالمي سطح تي وڏي شهرت ملڻ لڳي آهي. فلم کي ايمازون پرائم جي بينر هيٺ آمريڪا ۽ برطانيه ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. آءِ جي پنجاب پوليس ڊاڪٽر عثمان انور فلم کي عالمي فورم تي مليندڙ شهرت کي ساراهيندي ڊائريڪٽر حبيب شهزاد کي مبارڪون ڏيندي چيو ته پوليس فورس جي ڪاميابين ۽ ڪوششن کي اجاگر ڪرڻ ۾ فلم ساز ادارا ۽ ڊراما اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪرائم جي موضوعن تي معياري ۽ سبق آميز فلمون ٺاهڻ لاءِ حوصلا افزائي جو سلسلو جاري رهندو. گذريل سال پنجاب پوليس ڪرائم ٿيم تي نجي فلم ساز ادارن وچ ۾ فلم فيسٽيول منعقد ڪيو هو جنهن ۾ فلم” ججي“کي بهترين ڪهاڻي سميت سمورن ڪيٽگريز ۾ پهرين پوزيشن ڏني وئي هئي. پنجاب پوليس جي ترجمان مطابق فلم هڪ سيريل ڪلر هٿان سنگين قتل ۽ پوليس جي محنت طلب جاچ ذريعي سندس گرفتاري جي چوڌاري گهمي ٿي. فلم ۾ پوليس جي جاچ جي مختلف رخن ۽ جاچ دوران پيش آيل حالتن کي حقيقت جي ويجهو ڪري پيش ڪيو ويو آهي. ترجمان مطابق فلم” ججي“عالمي ۽ قومي سطح تي به ڪيترائي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.











