نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار وطن واپس پهچي ويو

اسلام آباد -23 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار روس ۽ بيلجيئم جي دوري کان پوءِ وطن واپس پهچي ويو آهي. پرڏيهي کاتي پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار 17 کان 19 نومبر تائين ماسڪو ۽ 19 کان 21 نومبر تائين برسلز جو دورو ڪيو. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار اسلام آباد يا وطن واپسي کان اڳ …

اسلام آباد -23 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار روس ۽ بيلجيئم جي دوري کان پوءِ وطن واپس پهچي ويو آهي. پرڏيهي کاتي پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار 17 کان 19 نومبر تائين ماسڪو ۽ 19 کان 21 نومبر تائين برسلز جو دورو ڪيو. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار اسلام آباد يا وطن واپسي کان اڳ مدينه منوره ۾ مختصر قيام ڪيو جتي هن روضي رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جن تي حاضري ڀري ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون پڻ گهريون.

مزید خبریں