اسلام آباد-23 نومبر (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ اسرائيلي قابض فوج جي تازن حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، جن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي فلسطينين خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن جي شهادت رپورٽ ٿي آهي جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا آهن. ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق اهڙا قدم عالمي قانون، گڏيل قومن جي ڪيترن ئي ٺهرائن ۽ تازو ئي شرم الشيخ ۾ طئي …
پاڪستان پاران غزه ۾ اسرائيلي قابض فوج جي تازن حملن جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-23 نومبر (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ اسرائيلي قابض فوج جي تازن حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، جن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي فلسطينين خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن جي شهادت رپورٽ ٿي آهي جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا آهن. ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق اهڙا قدم عالمي قانون، گڏيل قومن جي ڪيترن ئي ٺهرائن ۽ تازو ئي شرم الشيخ ۾ طئي ٿيل امن معاهدي جي کليل ڀڃڪڙي آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي حملا خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ جاري عالمي ڪوششن کي سخت نقصان پهچائي رهيا آهن. پاڪستان حڪومت عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو فوري قدم کڻندي اسرائيلي جارحيت ۽ جنگ بندي جي مسلسل ڀڃڪڙين کي روڪي ۽ عالمي انساني حقن ۽ انساني قانونن جي تحفظحفظ کي يقيني بنائي. پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو ته هو 1967ع کان اڳ جي سرحدن مطابق آزاد، خودمختيار فلسطيني رياست جي حمايت ڪري ٿو جنهن جو گادي وارو هنڌ القدس الشريف هجي.











