پي سي بي چيئرمين محسن نقوي پاران امپائر خضر حيات جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

راولپنڊي -23 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي مشهور امپائر خضر حيات جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت ڪندي چيو ته خضر حيات جي وفات پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، محسن نقوي چيو ته ڪرڪيٽ ميچن دوران سندس فيصلن جي دنيا تعريف ڪري ٿي ۽ پنهنجي پيشيواراڻي معيار، ديانتداري ۽ تجربي سبب …

راولپنڊي -23 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي مشهور امپائر خضر حيات جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت ڪندي چيو ته خضر حيات جي وفات پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، محسن نقوي چيو ته ڪرڪيٽ ميچن دوران سندس فيصلن جي دنيا تعريف ڪري ٿي ۽ پنهنجي پيشيواراڻي معيار، ديانتداري ۽ تجربي سبب منفرد مقام رکي ٿو. پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ امپائرنگ هميشه سندس خدمتن جي احسان مند رهندي. مرحوم جي ڪردار ۽ پيشيواراڻي قابليت امپائرنگ جي شعبي ۾ اعليٰ مثال قائم ڪيو جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو.

مزید خبریں