دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگن اکر جاري

اسلام آباد-23 نومبر (اي پي پي)واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. تفصيل مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 26ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 80 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار ڪيوسڪ آھي، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 59 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 59 هزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 5 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 20 هزار ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ …

اسلام آباد-23 نومبر (اي پي پي)واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. تفصيل مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 26ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 80 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار ڪيوسڪ آھي، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 59 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 59 هزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 5 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 20 هزار ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 9هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 3 هزار 600 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. بئراجن جي صورتحال مطابق گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 49 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 42 هزار ڪيوسڪ، سکر ۾ پاڻي جي آمد 40 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 10 هزار 800 ڪيوسڪ جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي آمد 10 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق تربيلا ڊيم جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1509.99فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 3.594 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1222.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي ذخيرو 5.760 ملين ايڪڙ فوٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 647.60 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.240 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں