اسلام آباد -22 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ريلوي جو نظام ڪنهن به ملڪ جي معيشت ۽ مواصلات جي حوالي سان ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ريلوي نظام جي بحالي طرف کنيل قدم ساراهه جوڳا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ پاڪستان ريلويز جي معاملن تي اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم پاڪستان ريلوي جي بحالي ۽ اپگريڊيشن جي …
ريلوي نظام جي بحالي ڏانهن کنيل قدم ساراهه جوڳا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد -22 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ريلوي جو نظام ڪنهن به ملڪ جي معيشت ۽ مواصلات جي حوالي سان ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ريلوي نظام جي بحالي طرف کنيل قدم ساراهه جوڳا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ پاڪستان ريلويز جي معاملن تي اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم پاڪستان ريلوي جي بحالي ۽ اپگريڊيشن جي حوالي سان ريلوي بابت وزير حنيف عباسي ۽ سندس ٽيم جي تعريف ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ريلوي خاص طور تي علائقائي رابطن ۽ عالمي ٽرين لنڪس جي منصوبن جي حوالي سان عالمي معيار جي قانوني ۽ معاشي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ريلوي جي پراپرٽي ۽ زمين جي معاملن تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي اجلاس کي پاڪستان ريلوي جي بهتري جي حوالي سان کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ريلوي جي ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان ”رابطا“ جا 7 ڊجيٽل پورٽلز ڪم ڪري رهيا آهن، 56 ٽرينن کي رابطا تي منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته 54 ريلوي اسٽيشنن کي ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي، ڪراچي، لاهور، راولپنڊي ۽ فيصل آباد جي ريلوي اسٽيشنن تي مفت واءِ فاءِ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي جڏهن ته وڌيڪ 48 ريلوي اسٽيشنن تي هلندڙ سال 31 ڊسمبر تائين مفت واءِ فاءِ فراهم ڪيئ ويندي، فريت آن لائين بڪنگ سسٽم متعارف ڪيو ويو آهي. ڪراچي سٽي ريلوي اسٽيشن تان ڊجيٽل وهيئنگ برج جو پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو، ايندڙ مرحلي ۾ اها سهولت پپري، ڪراچي ڇانوڻي، پورٽ قاسم، لاهور ۽ راولپنڊي جي ريلوي اسٽيشنن کي به فراهم ڪئي ويندي. راولپنڊي ريلوي اسيشن ۾ مصنوعي ذهانت سان ڪم ڪندڙ 148 سرويلنس ڪيمرائون لڳايون ويون آهن ۽ ريلوي اسٽيشنن تي بئنڪن جا اي ٽي ايم به لڳايا پيا وڃن، ريلوي اسٽيشنن جي صفائي سٿرائي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ آئوٽ سورسنگ ڪئي وئي آهي، وڏين ريلوي اسٽيشنن تي مسافرن لاءِ اعليق معيار جون انتظار گاهون ٺاهيو ويون آهن، مسافرن جي سهولت لاءِ ريلوي اسٽيشنن تي انفارميشن ڊيسڪ به ٺاهيا ويا آهن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ريلوي اسٽيشنن تي کائڻ پيئڻ جي شين جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان چئني صوبن جي فوڊ اٿارٽين کي پهچ ڏني وئي آهي. 4 ٽرينن جو آئوٽ سورس ڪيو ويو آهي جڏهن ته جلد ئي وڌيڪ 11 ٽرينن کي آئوٽ سورس ڪيو ويندو. ان حوالي سان سان اشتهار جاري ٿي چڪو آهي. ان آئوٽ سروسنگ سبب 8.5 ارب روپين جو اضافي روينيو متوقع آهي، 40 لگيج ۽ بريڪ وينز کي به آئوٽ سورس ڪيو ويو آهي جنهن سبب 820 ملين روپين جو اضافي روينيو متوقع آهي. 2 ڪارگو ايڪسپريس ٽرينن جي آئوٽ سورسنگ به ٿي رهي آهي جنهن سبب 6.3 ارب روپين جو اضافي روينيو متوقع آهي. لاهور، ڪراچي، ملتان، پشاور، ڪوئٽا ۽ سکر ۾ ريلوي اسپتالن جي آئوٽ سورسنگ تي ڪم جاري آهي، ريلوي جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ ريسٽ هائوسز جي آئوٽ سورسنگ تي به ڪم جاري آهي. اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته لاهور، اسلام آباد ۽ اذا خيل ۾ قائم ريلوي جي ڊراءِ پورٽس به آئوٽ سورس ٿي رهيا آهن. 155 ريلوي اسٽيشنن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويو آهي. ريلوي ڪنسٽرڪشنز پاڪستان لميٽيڊ، پاڪستان ريلوي فريت ٽرانسپورٽيشن ڪمپني ۽ پاڪستان ريلوي ايڊوائيزري اينڊ ڪنسلٽينسي سروس کي بند ڪيو ويو آهي. ريلوي جي مين لائين- ون جي ڪراچي-ڪوٽڙي سيڪشن ۽ مين لائين- ٿري جي اپگريڊيشن جي حوالي سان لائحه عمل جوڙيو پيو وڃي. ٿر ريل ڪنيڪٽيوٽي جي منصوبي جي حوالي سان سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو، اسلام آباد-تهران-استنبول ٽرين جي جلد شروعات ٿيندي، قازقستان-ازبڪستان-افغانستان- پاڪستان ريل منصوبي جي حوالي سان به شروعاتي ڪم ٿي رهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ پاڪستان ريلويز جي معاملن تي اهو اهم اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ريلوي بابت وفاقي وزير حنيف عباسي، اقتصادي معاملن بابت وفاقي وزير احد خان چيمه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.











