ماحولياتي تبديلي سبب متاثر اسرندڙ ملڪن جي مدد لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ عالمي سطح تي مضبوط حصيداري اڻٽر آهي: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

بيلجيئم/ اسلام آباد -22 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي، ته ماحولياتي تبديلي سبب متاثر اُسرندڙ ملڪن جي مدد لاءِ فوري، ڀروسي جوڳي ۽ منصفاڻي مالي سهڪار، جديد ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ عالمي سطح تي مضبوط ڀائيواري اڻٽر ٿي چڪي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي عالمي ماحولياتي سربراهي اجلاس جي موقعي تي موسمياتي …

بيلجيئم/ اسلام آباد -22 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي، ته ماحولياتي تبديلي سبب متاثر اُسرندڙ ملڪن جي مدد لاءِ فوري، ڀروسي جوڳي ۽ منصفاڻي مالي سهڪار، جديد ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ عالمي سطح تي مضبوط ڀائيواري اڻٽر ٿي چڪي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي عالمي ماحولياتي سربراهي اجلاس جي موقعي تي موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت طرفان منعقد اعليٰ سطحي تقريب ۾ ڪيو. وزارت جي ترجمان محمد سليم شيخ بڌايو ته انهن اجلاسن کي وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ، مملڪتي وزير شزره منصب کرل ۽ وزارت جي سيڪريٽري عائشه حميره موراڻي خطاب ڪيو. انهن سيشنز جي ڪيترن ئي ملڪن جي مقررن، ترقياتي ادارن، سائنسدانن، تحقيقي ماهرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته اهي تقريبون پاڪستان جي ماحولياتي چئلينجز، هڪجهڙائين جي گهرجن، جاري سڌاراتي قدمن ۽ عالمي ماحولياتي نظام ۾ پاڪستان جي وڌندڙ ڪردار کي اجاگر ڪرڻ جو اثرائتو پليٽ فارم ثابت ٿيون. هن بڌايو ته سيڪريٽري عائشه حميره پاڪستان جي شرڪت جي حڪمت عملي جي پلاننگ ۽ رابطيڪاري جي قيادت ڪئي ۽ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته پاڪستان جو موقف سائنسي شاهدين، فني دليلن ۽ واضح پاليسي سان پيش ٿئي. هن چيو ته پاڪستان جو پويلين اسرندڙ ملڪن لاءِ هڪجهڙائي جي ضرورتن، عالمي مدد جي ميڪانزم، آفتن جي اڳواٽ اطلاع، پاڻي جي نظام جي بحالي، ماحول دوست معيشت، هنرمندي جي ترقي ۽ اداره جاتي بهتري تي فائديمند بحث جو محور بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تجربي ثابت ڪيو آهي ته جڏهن سائنسي، ادارا ۽ مالي وسيلا هڪ رخ ۾ ڪم ڪن ته پائيدار لچڪ ممڪن ٿي ويندي آهي. ان موقعي تي عالمي شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪستان عالمي ماحولياتي انصاف ۽ مالياتي سڌارن لاءِ اثرائتو آواز بڻجي اڀري رهيو آهي ۽ اسرندڙ ملڪن جي حمايت لاءِ عملي تجويزون پيش ڪري رهيو آهي.

مزید خبریں