اسلام آباد -22 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ واپار بابت سيڪريٽري جواد پال سان نيڌرلينڊ جي سفير رابرٽ جان اسئيگريٽ واپار واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن واپار واري وزارت مان جاري بيان موجب ان موقعي تي نيڌرلينڊ جي سفير ٻڌايو ته هن تازو ئي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون آهن ۽ پاڪستان ۾ ذميواريون سنڀالي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي. هن …
وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان هالينڊ جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد -22 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ واپار بابت سيڪريٽري جواد پال سان نيڌرلينڊ جي سفير رابرٽ جان اسئيگريٽ واپار واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن واپار واري وزارت مان جاري بيان موجب ان موقعي تي نيڌرلينڊ جي سفير ٻڌايو ته هن تازو ئي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون آهن ۽ پاڪستان ۾ ذميواريون سنڀالي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. هتي بيوروڪريسي ۽ سياسي قيادت سان آساني سان رابطو ڪري سگهجي ٿو، جيڪو مستقبل ۾ گڏيل رابطن لاءِ سٺو سنئوڻ آهي. وفاقي وزير ڄام ڪمال سفير جي آجيان ڪئي ۽ کيس نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير ٻڌايو ته پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ وچ ۾ واپار ۾ جدت آڻڻ لاءِ ڪيترائي موقعا خاص ڪري زراعت ۽ غذائي مصنوعات جي شعبن ۾ موجود آهن، پاڪستان پيداوار ۽ معيار کي بهتر بڻائي نيڌرلينڊ کي پنهنجي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته چانور پاڪستان جو اهم فيصل ۽ روائتي واپار واري مصنوعات مان هڪ آهي. جنهن ۾ وڌيڪ امڪان موجود آهن. وفاقي وزير خدمتن جي شعبي جي اهميت کي به اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان جي وڏي نوجوان آبادي سبب خدمتن جو روانگي واپار گهٽ ۾ وقت ۾ شين جي روانگي واپار کان اڳتي نڪري سگهي ٿو. هن نيڌرلينڊ جي ڪمپني جاز ٽيليڪام ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڊجيٽل مالياتي شموليت جي ڪردار کي به ساراهيو. سفير آگاهه ڪيو ته ٻئي ملڪ جلد باقاعده ڳالهين جي شروعات لاءِ تاريخن کي حتمي صورت ڏئي رهيا آهن ته جيئن سهڪار جي نون شعبن جو جائزو وٺي سگهجي. هن چيو ته جي ايس پي پلس جي مانيٽرنگ مشين جي آئينده آمد پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته 18هين ترميم کان پوءِ ڪيترائي شعبا صوبن ڏانهن منتقل ٿي چڪا آهن جڏهن ته واپار واري وزارت سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان ڀرپور رابطو ڪري رهي آهي. ان موقعي تي سفير چيو ته ماضي ۾ ڊچ ڪمپنين کي پنهنجو منافعو وطن منتقل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون هيون پر لاڳاپيل ادارن جي سهڪار سان هاڻي اهو مسئلو حل ٿي چڪو آهي. هن اعتماد ظاهر ڪيو ته پاڪستان جي بهتر معاشي صورتحال پرڏيهي سيڙپڪارن جي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط ڪندي. وفاقي وزير ِٻڌايو ته پاڪستان ڊيري ۽ گوشت جي شعبن کي وسعت ڏئي رهيو آهي ته جيئن ان مصنوعات جو روانگي واپار وڌائيس گهجي. هن نيڌرلينڊ کان ٽيڪنالاجي شيئرنگ ۾ سهڪار جي درخواست ڪئي. سفير خاطري ڪرائي ته پاڻي جي اثرائتي انتطام لاءِ ڊرون ٽيڪنالاجي سميت ڪيترائي منصوبا پاڪستان لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.











