اسلام آباد- 11 نومبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ عدالت ٻاهران هندستان جي سرپرستي ۽ افغان طالبان جي پراڪسي فتنه الخوارج پاران ڪيل خودڪش ڌماڪي ۾ 12 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته لاشن ۽ زخمين کي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ابتدائي رپورٽن موجب ڌماڪو اڱاري ڏينهن جي-11 عدالت جي ٻاهران ٿيو جنهن جي زد ۾ ڀرسان بيٺل ماڻهو اچي …
اسلام آباد ۾ عدالت ٻاهران خودڪش ڌماڪو، 12 ڄڻا شهيد، 20 کان وڌيڪ زخمي

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 نومبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ عدالت ٻاهران هندستان جي سرپرستي ۽ افغان طالبان جي پراڪسي فتنه الخوارج پاران ڪيل خودڪش ڌماڪي ۾ 12 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته لاشن ۽ زخمين کي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ابتدائي رپورٽن موجب ڌماڪو اڱاري ڏينهن جي-11 عدالت جي ٻاهران ٿيو جنهن جي زد ۾ ڀرسان بيٺل ماڻهو اچي ويا. مبينا خودڪش بمبار جو سر روڊ تي پيل مليو. پمز اسپتال جي ذريعن موجب ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ 12 ماڻهن جا لاش پمز اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، 20 زخمين کي پمز اسپتال ۾ ايمرجنسي ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ زخمين کي پمز اسپتال آندو پيو وڃي. جڏهن ته ٻئي طرف مودي دهلي ۾ فالس فليگ ڪرائي روئي رهيو آهي ۽ هيڏانهن پنهنجي پراڪسي افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج ذريعي پهرين وانا ڪيڊٽ ڪاليج ۽ هاڻ اسلام آباد تي دهشتگرد حملو ڪرايو.











